ڪراچي جو 400 ملين گيلن سيوريج جو پاڻي سامونڊي جيوت لاءِ نقصانڪار

ڪراچي (رپورٽر) ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ بلديات واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ ايس ٿري (S-III) منصوبي تحت سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ-1 (TP-I) کي مڪمل طور فعال ڪرڻ بابت ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ پي اينڊ ڊي کاتي جي ڪميٽي روم ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي اجلاس کي ايس ٿري منصوبي جي تفصيل بابت بريفنگ ڏني ۽ ڪم ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ مسئلن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزيرن هدايت جاري ڪئي ته صنعتي علائقن ۾ پاڻي جي ضرورتن ۽ سامونڊي حيات جي تحفظ لاءِ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جو مڪمل فعال ٿيڻ انتهائي ضروري آهي. هنن چيو ته ڪراچي جا 400 ملين گيلن کان وڌيڪ سيوريج جو پاڻي روزانو بغير ڪنهن صفائي جي سڌو سنئون سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، جيڪو رڳو سامونڊي پاڻي ۽ ساحل کي آلودگيءَ جو شڪار نٿو ڪري، پر سامونڊي حيات جي افزائش ۽ هيچري لاءِ اهم مينگروز کي به زهرآلود ڪري رهيو آهي، جنهن سان سامونڊي حيات کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. صوبائي وزيرن واضح هدايت ڏني ته ٽريٽمينٽ پلانٽ جي مڪمل فعال ٿيڻ ۾ جيڪي به رڪاوٽون آهن، انهن کي ترت ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.