لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر 26 مخالف ڌر جي ميمبرن کي 15 سيشنن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن خلاف ريفرنس موڪلڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر موجب، 26 مخالف ڌر جي ميمبرن خلاف هنگامو، نعريبازي، گوڙ ڪرڻ ۽ دستاويز ڦاڙڻ جي الزامن تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.
هن چيو ته ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي انهن ميمبرن کي 15 سيشنن لاءِ ِ اسيمبلي مان معطل ڪيو ويو آهي.