دي هيگ(م ڊ) سنڌ طاس معاهدي بابت بين الاقوامي ٽياڪڙي عدالت پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪري ڇڏي، جڏهن ته پاڪستان حڪومت ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي. رپورٽ موجب، عالمي ٽياڪڙي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو ڪو به حق حاصل ناهي. عدالت جي فيصلي مطابق، سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ٽياڪڙي عدالت جو ڪردار اهم آهي، معاهدي کي معطل ڪرڻ بابت ڀارت جي قدم سان عدالت جي فيصلي واري حيثيت تي ڪو اثر نٿو پوي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت معاهدي جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي ۽ معاهدي ۾ ڪٿي به ان کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ياد رهي ته 23 اپريل 2025 تي جمو ڪشمير جي پهليگام ۾ ٿيل حملي کانپوءِ ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي "فوري طور معطل” ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ۽ ايندڙ ڏينهن، 24 اپريل تي، ڀارت پاڪستان کي رسمي طور تي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو. ان پيش رفت جي جواب ۾، عالمي ثالثي عدالت 16 مئي تي ٻنهي ڌرين کان ان نئين صورتحال جي قانوني اثرن بابت لکت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پاڪستان وقت تي پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ پنهنجي موقف کي واضع طور بيان ڪيو ويو.