اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي مخصوص سيٽن ڏيڻ جي خلاف داخل نظرثاني وارين درخواستن کي منظور ڪري ورتو آهي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو حڪم ختم ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جنهن کان پوءِ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي. ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪجهه دير ۾ مختصر فيصلو ٻڌايو ويندو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان مختصر فيصلو ٻڌايو. عدالت 5 جي مقابلي ۾ 7 ججن جي اڪثريت سان نظرثاني درخواستن کي منظور ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو بحال رکيو ۽ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو. 13 رڪني آئيني بينچ مان 10 ججن فيصلو لکيو. جسٽس عائشہ ملڪ ۽ جسٽس عقيلي عباسي ابتدائي ٻڌڻي تي ئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون. جسٽس صلاح الدين پنهور بعد ۾ بينچ مان الڳ ٿي ويو. جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي مشروط نظرثاني منظور ڪئي. جسٽس جمال خان مندوخيل 39 سيٽن تي اڳئين راءِ برقرار رکي. 12 جولاءِ 2024 جو فيصلو، جنهن تحت پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون مليون هيون، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو، جيڪو پي ٽي آءِ جي حق ۾ نه هو، بحال ڪيو ويو. جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي اليڪشن ڪميشن کي 80 اميدوارن جي نالن جو نئين سر جائزو وٺي 15 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته نظرثاني ڪيس تي سپريم ڪورٽ ۾ 17هين ٻڌڻي ٿي. 13 رڪني فل ڪورٽ 12 جولاءِ 2024 تي 8 ججن جي اڪثريت سان پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڏنو هو، جنهن خلاف مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ اليڪشن ڪميشن نظرثاني لاءِ درخواستون داخل ڪيون. سني اتحاد ڪائونسل طرفان وڪيل فيصل صديقي ۽ حامد خان دليل ڏنا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي طرفان سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيو.
-
ن ليگ کي 14، پ پ کي 5 ۽ جي يوآءِ کي 3 قومي سيٽون ملنديون
اسلام آباد (ع آ نيوز) سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون 77 مخصوص سيٽون بحال ٿي ويون. قومي اسيمبلي ۾ پنجاب مان عورتن جون 11 مخصوص سيٽون، خيبرپختونخوا مان عورتن جون 8 ۽ اقليتن جون 3 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي 14، پيپلزپارٽي کي 5 ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي 3 مخصوص سيٽون ملنديون. خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ عورتن جون 21 ۽ اقليتن جون 4 مخصوص سيٽون بحال ٿي ويون، جتي جي يو آءِ (ف) کي 10، مسلم ليگ (ن) کي 7، پيپلزپارٽي کي 7 ۽ اي اين پي کي 1 مخصوص سيٽ ملندي. پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جون 24 ۽ اقليتن جون 3 سيٽون بحال ڪيون ويون، جن مان مسلم ليگ (ن) کي 23، پيپلزپارٽي کي 2، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ۽ آءِ پي پي کي هڪ-هڪ سيٽ ملندي. سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جون 2 ۽ اقليتن جي 1 مخصوص سيٽ بحال ٿي، جتي پيپلزپارٽي کي 2 ۽ ايم ڪيو ايم کي 1 مخصوص سيٽ ملندي.
-
پي ٽي آءِ جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف احتجاج جو اعلان
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن بابت نظرثاني ڪيس تي فيصلي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي ان کي ناانصافي قرار ڏنو آهي. پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو مايوس ڪندڙ ۽ سراسر ناانصافي تي ٻڌل آهي، آئيني تشريح غلط ڪئي وئي، مخصوص سيٽون اصل ۾ پي ٽي آءِ جون هيون، پر هاڻ ڪي پي ۾ رڳو 3 سيٽون کٽڻ واري پارٽي کي 11 مخصوص سيٽون ملنديون. هن چيو ته لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ تي اڃا تائين قاضي فائز عيسيٰ جو اثر موجود آهي. اسان اميد رکون ٿا ته مستقبل ۾ 26هين ترميم ختم ٿيندي ۽ ايندڙ سپريم ڪورٽ هن فيصلي کي غير منصفاڻو قرار ڏيندي. بيرسٽر گوهر واضح ڪيو ته هاڻ ڪو به عدالتي فورم نه بچيو آهي، اسين هن فيصلي خلاف عوامي ۽ اسيمبلي سطح تي احتجاج ڪنداسين. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي مرڪزي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماضيءَ ۾ ساڳي سپريم ڪورٽ اسان جي آئيني حق کي تسليم ڪيو هو، هاڻ ان فيصلي سان انصاف جي روح کي چٿيو ويو آهي. پارٽي ترجمان موجب، مخصوص سيٽون رد ٿيل جماعتن ۾ مال غنيمت وانگر ورهايون ويون، هي پاڪستان جي آئيني تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي. هن فيصلي عوام جي ووٽ، نمائندگي ۽ اعتماد تي ڌڪ رسايو آهي.
-
سپريم ڪورٽ فيصلي کانپوءِ خيبرپختونخوا حڪومت خطري ۾؟
اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي فيصلي کانپوءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي جي عددِي صورتحال۾ وڏي تبديلي اچي وئي، جنهن سان وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي حڪومت خطري ۾ اچي وئي آهي. عدالتي فيصلي موجب تحريڪ انصاف جي حمايت رکندڙ آزاد اميدوارن جي قبضي هيٺ 25 مخصوص سيٽون هاڻ خالي قرار ڏنيون ويون آهن، جنهن سان حڪومتي اتحاد جي عددِي طاقت گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته اپوزيشن جو انگ وڌي ويو آهي. عدالتي فيصلي کانپوءِ اپوزيشن جماعتن جا 27 ميمبر فعال ٿي ويا آهن، جن جو گڏيل انگ 53 تائين پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي 35 آزاد ميمبر فيصلي کانپوءِ اسيمبلي جي طاقت جو مرڪزي نقطو بڻجي ويا آهن. علي امين گنڊاپور جي حڪومت کي في الحال 93 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، جن مان 58 جو تعلق اڳوڻي پي ٽي آءِ سان آهي، پر انهن کي آزاد ميمبر قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سان اهي آرٽيڪل 63-اي (فلور ڪراسنگ قانون) کان محفوظ رهيا آهن. خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت لاءِ 73 ميمبر گهربل آهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اپوزيشن آزاد ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته اها 88 ميمبرن تائين پهچي سگهي ٿي، جيڪا حڪومتي مستقبل لاءِ هڪ وڏو سياسي ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
-
”مائنڊ يوئر لينگئيج“ جسٽس مندوخيل ۽ حامد خان ۾ جملن جي ڏي وٺ
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل ۽ وڪيل حامد خان وچ ۾ جملن جو ڏي وٺ ٿيو. سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران حامد خان چيو ته اهڙا مثال موجود آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو ته اوهان هيءَ ٻڌڻي نٿا ڪري سگهو، جنهن تي جسٽس مندوخيل پڇيو ته ڪٿي لکيل آهي ته اسان ٻڌڻي نٿا ڪري سگهون؟ سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ڏيکاريو ته ٻڌڻي ڪيئن نٿا ڪري سگهون؟ جسٽس مندوخيل چيو ته جيڪڏهن اوهان دليل ڏيڻ چاهيو ٿا ته ڏيو، ٻي صورت ۾ واپس ڪرسي تي ويهي رهو. هيءَ سپريم ڪورٽ آهي، هتي ڪنهن کي مذاق بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اوهان سٺا وڪيل آهيو، پر جيڪو اوهان ڪيو آهي، اهو ڪنهن سٺي وڪيل جي طرزِ عمل سان ٺهڪندڙ ناهي. ان موقعي تي حامد خان، جسٽس مندوخيل کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان ايتري سختي ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟ مان سپريم ڪورٽ جي عزت ڪريان ٿو، اوهان منهنجي رويي تي ڳالهه ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟ وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو مثال موجود آهي، ان ڪيس ۾ طئي ٿيو ته نظرثاني واري ٻڌڻي ان کان گهٽ ججن جي بينچ نٿي ڪري سگهي. ان تي جسٽس مندوخيل چيو ته قاضي فائز عيسيٰ جو نالو نه وٺو، سپريم ڪورٽ جا رول پڙهو. حامد خان جواب ڏنو ته مان ڇو نٿو وٺي سگهان؟ جنهن تي جسٽس مندوخيل چيو ته اسان کي سختي ڪرڻ به اچي ٿي، اوهان کي چيو ويو آهي ته رول پڙهو. حامد خان، جسٽس مندوخيل کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان ڪاوڙ ۾ آهيو، اها ٻڌڻي نه ڪريو. جنهن تي جسٽس مندوخيل چيو: "مائينڊ يور لينگويج”، مان ڪهڙي حالت ۾ آهيان، اهو مون کي خبر آهي. مان هن اداري جي خاطر پنهنجي ماءُ جي فاتحه ڇڏي آيو آهيان ۽ اوهان مذاق پيا ڪريو. وڪيل حامد خان دليل ڏنو ته 13 ججن جي فيصلي خلاف 10 ججن جي بينچ ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، جنهن تي جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته 13 مان الڳ ٿيندڙ ججن جي راءِ به شمار ٿيندي.
-
27هين ترميم لاءِ حڪومت کي مخصوص سيٽون ڏنيون وينديون؟
اسلام آباد (مطيع الله جان) هاڻ مخصوص سيٽن بابت جيڪو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، اهو لڳ ڀڳ سڀني کي اڳواٽ ئي نظر اچي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي، جنهن ۾ 13 مان 10 ججن بشمول جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي راءِ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي 80 کان وڌيڪ مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن، تي هاڻ نظرثاني لاءِ نئين آئيني بئنچ ويٺي آهي. گذريل ڏينهن جي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور پاڻ کي بئنچ مان ڌار ڪري ڇڏيو، جنهن جو سبب وڪيل حامد خان جو اعتراض هو. حامد خان موقف اختيار ڪيو ته جسٽس صلاح الدين پنهور، جنهن سان هو 2010 کان ڪم ڪندو رهيو آهي، ان صورتحال ۾ بينچ جو حصو نه هجڻ گهرجي. جسٽس پنهور پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي الڳ ٿي ويو، جنهن تي حامد خان کيس داد ڏنو ۽ چيو، "آئون دل جي گهراين سان توهان کي داد ڏيان ٿو.” باقي ججن کي به اهڙي ئي رويي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها، پر لڳي ٿو ته اهي دٻاءُ هيٺ آهن، هاڻ 12 مان 10 جج ٻڌڻي جاري رکي رهيا آهن، ڇو ته جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي اڳ ۾ ئي بئنچ مان الڳ ٿي چڪا هئا. مطلب ته هاڻ عملي طور تي 13 ججن جي فيصلي خلاف 10 ججن جي بئنچ نظرثاني ڪري رهي آهي. ڪارروائي دوران ججن جو رويو انتهائي جذباتي ۽ ڪاوڙيل رهيو، خاص طور تي جسٽس جمال خان مندوخيل جو. وڪيل حامد خان بار بار جسٽس مندوخيل کي مخاطب ڪندي چيو ته: "توهان ڪاوڙ ۾ آهيو، مهرباني ڪري بينچ تان لهي وڃو.” جسٽس مندوخيل جواب ۾ سخت ردعمل ظاهر ڪيو، جڏهن ته جسٽس هاشم ڪاڪڙ به وڪيل جي دليلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو: "جيڪڏهن مان عزت نٿو رکان ته مان پنهنجي عهدي تي لعنت ٿو ڪيان.” اهو واضح هو ته جسٽس هاشم ڪاڪڙ، وڪيل جي طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت استعمال ڪيل لفظن کان ناراض هو، جيڪي سندن چڱن تعلقن جي حوالي سان ڏنا ويا هئا. وڪيل حامد خان دليل ڏنو ته سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ آيل ڇهن نون ججن کي بئنچ ۾ شامل ڪرڻ "court packing” آهي، يعني سياسي مقصدن لاءِ عدالت جوڙڻ. هن آمريڪا جي تاريخي حوالن سان چيو ته روزويلٽ به جڏهن نوان جج مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته قوم اٿي بيٺي هئي، ساڳيءَ ريت پاڪستان ۾ به عدالتي توازن بگڙڻ نه گهرجي. هن وڌيڪ دليل ڏنو ته: "پاڪستان جي آبادي ڀارت جي ڇهين حصي جي برابر آهي، پر ڀارت ۾ 34 جج آهن، جڏهن ته اسان جي سپريم ڪورٽ 17 ججن تي ٻڌل آهي. عدالت جو بار وڌي چڪو آهي، ۽ عدالتي فيصلا هاڻ سياسيت جو شڪار ٿي رهيا آهن.” جسٽس مندوخيل ٻڌايو ته نظرثاني واري بئنچ لاءِ ڪنهن خاص انگ جي قيد ناهي، ۽ اڳ ۾ به فيصلو اچي چڪو آهي ته اهڙي بئنچ جي جوڙجڪ قانوني آهي. جسٽس مندوخيل جي ان بيان تي ته هو پنهنجي والده جي فاتحه ڇڏي اچي ٻڌڻي لاءِ آيو، وڪيل حامد خان تجويز ڏني ته جڏهن جج ذاتي يا جذباتي حالت ۾ هجن ته ڪيس نه ٻڌڻ گهرجي. ممڪن آهي ته حڪومت جي اتحادي ڌر کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن، يا جسٽس مندوخيل جي تجويز مطابق پي ٽي آءِ کي اڪثريت ملي. اهڙي صورت ۾ 27هين آئيني ترميم آڻي سگهجي ٿي، جيڪا ججن جي سينياريٽي، مقرري، ۽ تبادلي کي مستقل طور تي ترتيب ڏئي سگهي ٿي. اهو به قابل ذڪر آهي ته جسٽس صلاح الدين پنهور اڳ ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي مقرري جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، جيڪو بعد ۾ صدر ڏانهن موڪليو ويو. هاڻ خدشو آهي ته جيڪڏهن صدر نئون نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ته موجوده بئنچ جي راءِ تحت حڪومت کي اضافي سيٽون ڏنيون وينديون، جيڪي 27هين ترميم لاءِ گهربل اڪثريت مهيا ڪري سگهن ٿيون.
-
وڏي عدالت به سينسرشپ ڪري ته عام ميڊيا جو ڇا ٿيندو؟
اسلام آباد (اسد طور) گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مخصوص (ريزرو) سيٽن بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالتي ماحول به انتهائي ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو. ٻڌڻي جو آغاز تقريباً اڌ ڪلاڪ دير سان ٿيو، جڏهن ته وڪيل حامد خان پنهنجي دليلن جو سلسلو جاري رکيو. ٻڌڻي جي شروعات ۾ ئي جسٽس صلاح الدين پنهور بئنچ مان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو: "2010 کان حامد خان سان ڪم ڪندو رهيو آهيان. حامد خان صاحب بئنچ يا مون تي جانبداري جو الزام هنيو، جنهن تي مون کي افسوس ٿيو. ان اعتراض جي ڪري مان پاڻ کي بئنچ مان الڳ ڪري رهيو آهيان.” فيصل صديقي ۽ سلمان اڪرم راجا، ججن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ان دوران جسٽس جمال خان مندوخيل، وڪيل حامد خان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ چيو: "اسان توهان جي لحاظ سان توهان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو، حالانڪه توهان کي ان ڪيس ۾ دليل ڏيڻ جو حق ئي نه هو.” حامد خان وراڻيو: "نه، مون کي دليل ڏيڻ جو مڪمل حق آهي.” ان وقت بئنچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. جسٽس جمال خان مندوخيل جو رويو تيز ۽ جھيڙي وارو هو. ٻڌڻي ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر خاص طور تي سرگرم رهيا. اهي ٽئي جج اسٽيبلشمينٽ جا پسنديده جج قرار ڏنا وڃن ٿا. جسٽس امين الدين خان، جيڪو بئنچ جي صدارت ڪري رهيو هو، ٻڌايو ته هاڻ 10 رڪني بئنچ (ڪُل 12 ججن سان گڏ) اڳوڻي 13 رڪني بئنچ جي فيصلي جو جائزو وٺندي. ان تي حامد خان اعتراض ڪيو: "توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته 12 ججن واري بئنچ، 13 ججن جي فيصلي جو جائزو وٺي سگهي ٿي؟” جسٽس جمال مندوخيل جو ردعمل وڌيڪ تيز هو، هن وڪيل کي چيو: "خان صاحب، قاعدا پڙهو، اعتراض نه ڪيو. اسان توهان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو، ان جو غلط فائدو ورتو ويو، هاڻ خاموش رهو. قاعدو ڏيکاريو جتي لکيل آهي ته اعتراض ڪري سگهجي ٿو.” هن وڌيڪ چيو: "خان صاحب، مان پنهنجي والده جي فاتحه ڇڏي هتي آيو آهيان، ۽ اوهان اعتراض پيا ڪريو!” هي جملا ٻڌڻ کان پوءِ حيراني ٿي ته جڏهن جسٽس امين الدين پاڻ چوي ٿو ته هي بنيادي انساني حقن جو ڪيس ئي ناهي، ته پوءِ اهڙي ڪهڙي تڪڙ هئي جو جسٽس مندوخيل کي والده جي فاتحه ڇڏي اچي ٻڌڻي ڪرڻي پئي؟ ڇا ڪا دٻاءُ واري ڪال هئي؟ ڇا اوهان سمجهو ته والده جي فاتحه کان وڌيڪ حڪومت جي مخصوص سيٽن تي گرفت اهم آهي؟ جسٽس مندوخيل، حامد خان کي مشورو ڏنو ته: "اوهان کي پنهنجي پارٽي ۾ به تحقيق ڪرائڻ گهرجي ته آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ ڇو شامل ٿيا.” ٻڌڻي دوران هڪ ٻيو "مرڪزي ڪردار” به سامهون آيو ـ جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جيڪو بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم ذريعي آندو ويو آهي. باوجود ان جي ته هو ڪرمنل قانون جو ماهر آهي، پر هاڻ آئينِي بئنچ تي ويٺو آهي. هن جذباتي انداز ۾ چيو: "جيڪڏهن مان عزت نٿو رکان، ته مان هن عهدي تي لعنت ٿو ڪيان!” پر پوءِ به، نه استعيفا ڏني، نه بئنچ مان الڳ ٿيو، بلڪه ساڳي عهدي تي ٻڌڻي جاري رکي. ٻڌڻي مان اهو تاثر ملي ٿو ته هاڻ سنسرشپ ۽ دٻاءُ جي لهر ملڪ جي اعليٰ عدالت تائين پهچي وئي آهي. جتي ملڪ جي وڏي عدالت به اظهار راءِ، دليل ۽ اعتراض برداشت نه ڪري، اتي صحافت، آزاد ميڊيا ۽ عوامي حقن لاءِ واٽ تنگ ٿيڻ جو انديشو وڌيڪ شديد ٿي وڃي ٿو.