اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وچ ۾ ٽيليفون تي اهم رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ايران-اسرائيل جنگ بندي ۽ پاڪستان-ڀارت لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم هائوس جي بيان موجب، وزيراعظم صدر ٽرمپ جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته آمريڪا جو امن جي واٽ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان-آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ، واپار ۾ واڌارو آڻڻ ۽ خطي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ گڏيل سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، جنهن تي آمريڪي پرڏيهي وزير پڻ گڏيل ڪوششن تي رضامندي ظاهر ڪئي.