چين آمريڪا سان واپاري معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني واپار واري وزارت آمريڪا سان تجارتي معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته معاهدي تحت آمريڪا واپار تي مڙهيل پابنديون ختم ڪندو، جڏهن ته چين برآمدي ڪنٽرولز هيٺ ايندڙ شين جو جائزو وٺي منظوري ڏيندو.
ترجمان موجب، ٻنهي ملڪن جنيوا معاهدي جي نفاذ لاءِ فريم ورڪ تي پڻ اتفاق ڪري ورتو آهي ۽ تازو لنڊن ۾ ڳالهين کانپوءِ معاهدي جي حتمي منظوري ڏني وئي آهي.
ترجمان چيو ته اميد آهي ته آمريڪا ۽ چين هڪٻئي جي ويجهو ايندا، جڏهن ته ٻنهي جي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار واڌارو ٿيندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وائٽ هائوس ۾ ٿيل تقريب دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين سان واپاري معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.