اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فوج کي ڪنهن به سياسي جماعت سان ڳالهين ۾ ڪا دلچسپي ناهي، مهرباني ڪري فوج کي سياست ۾ ملوث نه ڪيو وڃي.
بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج جو واضع موقف آهي ته سياست سياستدانن جو ڪم آهي ۽ جيڪا به حڪومت هوندي اها ئي رياست جي نمائندگي ڪندي آهي.
هن چيو ته سياسي مقصدن لاءِ فوج خلاف افواهه پکيڙيا وڃن ٿا، پروپئگينڊا ڪئي وڃي پر جڏهن حق جو معرڪو آيو ته فوج پنهنجو ڪم ڪيو يا نه؟ ڇا قوم کي ڪنهن پهلوءَ ۾ فوج جي ڪمي محسوس ٿي.
جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج پنهنجين پيشيوراڻين ذميوارين تي مڪمل ڌيان ڏئي ٿي ۽ ان جي وفاداري رڳو پاڪستان جي عوام، علائقائي سلامتي، خودمختياري ۽ تحفظ سان آهي.
هن چيو ته پاڪ فوج مختلف موقعن تي سياسي حڪومت، ڀلي اُها وفاقي هجي يا صوبائي، جي حڪمن تي عملدرآمد ڪندي آهي.
بلوچستان بابت موقف
بلوچستان جي صورتحال بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ”اسان عوام جي فوج آهيون ۽ اها ڀارتي پروپئگينڊا آهي ته ڄڻ بلوچستان جو عوام فوج سان گڏ ناهي. بلوچستان ۽ پاڪستان هڪ آهن، بلوچستان اسان جي سَر جو تاج آهي.
هن چيو ته وفاقي ۽ صوبي حڪومتون بلوچستان جي خوشحالي لاءِ لڳاتار پتوڙي رهيون آهن.
جبري گمشدگين بابت وضاحت
جنرل احمد شريف واضح ڪيو ته فوج جبري گمشدگين جي حمايت نٿي ڪري، حڪومت هر هڪ گم ٿيل فرد کي ڳولڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪنهن کي به غير قانوني طريقي سان کنڀڻ جو حق ناهي.
هن چيو ته مڪمل طور تي آزاد هڪ خودمختيار ڪميشن گمشدگين جي ڪيسن تي ڪم ڪري رهيو آهي پر ملڪ ۾ قانون جي عملداري کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان جي پهرين ترجيح پاڪستاني شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي.
اظهار جي آزادي ۽ ايڪس تي پابندي
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اظهار جي آزادي لاءِ آئين جو آرٽيڪل 19 واضع حدون مقرر ڪري ٿو، اهڙي ڳالهه جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جيڪا رياست، عدليا يا مذهبي هم آهنگي کي متاثر ڪري.
هن چيو ته ”مادر پدر آزادي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ناهي ۽ نه هئڻ گهرجي. اظهار جي آزاديءَ لاءِ ضابطا ۽ قانون هئڻ گهرجن،ڇو ته سماج انهن کانسواءِ نٿو هلي سگهي.
جنرل احمد شريف جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ڀارت پاڻ کي وڏي جمهوريت سڏائي ٿو پر اتان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي وڌيڪ آهي.