ايشين يوٿ گرلس نيٽ بال چيمپئن شپ ۾ پاڪستان سعودي عرب کي مات ڏئي ڇڏي

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري ايشين يوٿ گرلس نيٽ بال چيمپئن شپ دوران پاڪستاني وومينز ٽيم سعودي عرب کي هارائي ۽ شاندار فتح حاصل ڪئي.
مقابلي دوران پاڪستان ٽيم 15 جي مقابلي ۾ 71 گول ڪري سعودي ٽيم کي واضح فرق سان مات ڏني.
پاڪستان طرفان ليا رضا شاهه، عليشا نويد، سمعيا صفدر ۽ حليما زبردست راند جو مظاهرو ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان جي ٻي ميچ 28 جون تي چائنيز تائپي، ٽِين ميچ 29 جون تي ڪوريا سان ٿيندي، جڏهن ته گروپ مرحلي جي چوٿين۽ پنجين ميچ پاڪستان ترتيبوار 30 جون تي جپان ۽ پهرين جولاءِ تي مالديپ سان کيڏندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.