دلجيت دوسانجهه بالي ووڊ کي الوداع چئي ڇڏيو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ۽ گلوڪار دلجيت دوسانجهه چيو آهي ته کيس بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪا به خواهش ناهي.
هڪ تازو انٽرويو ءَ ۾ دلجيت دوسانجهه پنهنجي موسيقي سان محبت ۽ فلمي انڊسٽري بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”مون کي ڪا به خواهش ناهي ته مان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪري وڏو اداڪار بڻجان، مان موسيقي سان تمام گهڻي محبت ڪريان ٿو ۽ موسيقي بنا ڪنهن جي مرضي جي به ڪري سگهان ٿو.“
دلجيت چيو ته ” مون کي ڪنهن سپر اسٽار جي مرضي يا راءِ سان ڪو فرق نٿو پوي ته فلاڻي جو ڪم هلندو يا نه يا فلاڻي کي گيت ملندو يا نه اهڙيون شيون اسان تي لاڳو نٿيون ٿين.“
هن وڌيڪ چيو ته ”پنجاب ۾ جيڪو به فنڪار آهي، اُهو پنهنجا گانا پاڻ تيار ڪري ٿو، اِها وڏي آزادي آهي ۽ ڪو به اسان کي ميوزڪ ٺاهڻ کان نٿو روڪي سگهي. جيستائين منهنجي دل چاهيندي، مان موسيقي ٺاهيندس، بالي ووڊ ۾ ڪم ملي يا نه ملي، مون کي ڪو فرق نٿو پوي.“
واضح رهي ته دلجيت دوسانجهه پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر سان گڏ فلم”سردار جي ٿري “ مُک ڪردار نڀايو آهي، جنهن کي ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو ۽ فلم جي بائيڪاٽ بابت ملڪ گير مهم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.