اسڪول ۾ ڀاڄ پوڻ سبب 29 شاگرد اجل جو شڪار

بانگي (ويب ڊيسڪ) وچ آفريڪا ۾ هڪ اسڪول اندر ڀاڄ سبب 29 ٻار حياتي وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 280 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اسڪول ويجهو ڌماڪي جي آواز اچڻ کانپوءِ شاگردن ۾ خوف پکڙجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اهو ڌماڪو اسڪول جي ويجهو بجلي ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب ٿيو، ڌماڪي جي آواز ۽ دونهين سبب اسڪول جي ڇهه هزار شاگردن ۾ خوف ۽ هراس ۾ پکڙجي ويو.
مقامي اتنظاميا موجب، اسڪول ۾اٽڪل 6000 شاگرد امتحان ڏئي رهيا هئا، ڌماڪي جي آواز ۽ ڇرڪائيندڙ ماحول سبب اسڪول اندر ڀاڄ سبب ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو.
اختيارين موجب، اسڪول جو ٻاهريون در تمام ننڍو هو، جنهن سبب ڪيترائي شاگرد هڪ ئي وقت ٻاهر نڪري نه سگهيا ۽ هيءَ سانحو پيش آيو.
واقعي کانپوءِ صدر فائوسٽن آرچنج تواديرا قومي سوڳ جو اعلان ڪندي حڪم جاري ڪيو آهي ته زخمين کي اسپتالن ۾ مفت علاج مهيا ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.