ڪراچي هوائي اڏي تي هڪٻئي پٺيان ٻن جهازن سان پکي ٽڪرائجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه جهاز وکين سان ٽڪرائجي ويا، جنهن کانپوءِ اختيارين طرفان هنگامي قدم کنيا ويا آهن.
ايئرپورٽ ذريعن موجب، پهريون واقعو هڪ پرڏيهي ايئرلائن جي جهاز سان پيش آيو، جڏهن ته ٻيو واقعو هڪ نجي ايئرلائن جي اُڏام سان لئنڊنگ دوران پيش آيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نجي ايئرلائن جي اها اُڏام لاهور کان ڪراچي پهتي هئي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.
حادثن کانپوءِ ڊائريڪٽر جنرل ايئرپورٽ اٿارٽي ڪراچي ايئرپورٽ تي فوري فيوميگيشن ڪرائڻ ۽ واڌو برڊ شوٽر مقرر ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.