آمريڪي پرڏيهي وزير جو وزيراعظم سان رابطو، ايراني ائٽمي پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم شهباز شريف سان وچ اوڀر جي موجوده صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته” ايران ڪڏهن به ائٽمي هٿيار حاصل ڪري يا ٺاهي نه ٿو سگهي“
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ خطي جي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.