اسرائيلي ڳجهين ايجنسين سان رابطن جي الزام هيٺ ايران ۾ ڦاهيون ۽ گرفتاريون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران، اسرائيلي ڳجهي ايجنسين سان رابطن جي الزام هيٺ ڪيترن ئي ماڻهن کي ڦاهيءَ جي سزا ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان گرفتاريون پڻ جاري آهن.
اهي قدم اهڙي وقت ۾ کنيو ويو آهي ته جڏهن سرڪاري اطلاعن موجب اسرائيلي ڳجهيون ايجنسيون ايران جي سيڪيورٽي ادارن اندر گهڻي حد تائين داخل ٿي چڪيون هيون.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جاري جنگ دوران جيڪا حساس ڄاڻ اسرائيل تائين پهتي، ان جي نتيجي ۾ پاسدارانِ انقلاب، ايراني فوج جي سينيئر قيادت ۽ جوهري سائنسدانن سميت ڪيتريون ئي اهم شخصيتن حياتيون وڃائي ويٺيون.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي ڪارروائيون اسرائيلي ڳجهي اداري موساد جي ملڪ اندر سرگرمين جو نتيجو آهن.
اختيارين موجب، شهيد اڳواڻن جو انگ ۽ حملي جي درستگي سبب خدشا وڌي ويا آهن ۽ اهڙن ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي جن بابت شڪ آهي ته هو پرڏيهي ايجنسين لاءِ ڪم ڪن ٿا.
انساني حقن جي تنظيمن ۽ سماجي ڪارڪنن ان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران جي ماضيءَ ۾ غير منصفاڻن ڪيسن، زبردستي اعترافي بيانن ۽ ڦاهين جي تاريخ سامهون رکندي خدشو آهي ته وڌيڪ ماڻهن کي به ڦاهي ڏئي سگهجي ٿي.
ايران جي انٽيليجنس وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته هو اولهه ۽ اسرائيلي انٽيليجنس نيٽورڪس خلاف مسلسل جنگ وڙهي رهيا آهن، جن ۾ سي آءِ اي، موساد ۽ ايم آءِ 6 شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.