ايراني نگهبان ڪائونسل آءِ اَي اي اَي سان سهڪار معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نگهبان ڪائونسل هڪ اهڙي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد ايران ۽ جوهري سرگرمين جي نگراني ڪندڙ عالمي اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجِي ايجنسي (آءِ اَي اي اَي ) سان سهڪار کي معطل ڪرڻ آهي.
بل تحت، جيڪڏهن ڪجهه شرط پورا نه ٿياته ايران پنهنجن ايٽمي ٿاڪن تائين آءِ اَي اي اَي جي عملدارن کي رسائي روڪي سگهي ٿو.
انهن شرطن ۾ هڪ اهم شرط اها به شامل آهي ته ايران کي جوهري هٿيارن جي عدم پکيڙ واري معاهدي (اين پي ٽي) جي آرٽيڪل 4 تحت يورينيم افزودگي جي اجازت ڏني وڃي.
ياد رهي ته ايراني پارليامينٽ اڳ ئي ان بل جي منظوري ڏئي چڪي هئي،۽ هاڻي نگهبان ڪائونسل جي منظوري کانپوءِ اهو بل باظابطا قانون بڻجي ويو آهي.
پر اڃا بِل تي عملدرآمد جو وقت ۽ تاريخ مقرر ڪرڻ جو حتمي اختيار ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ رهبرِ اعليٰٰ آيت الله خامنه اي وٽ آهي.
ٻئي پاسي آءِ اَي اي اَي تصديق ڪئي آهي ته ايران طرفان نئين قانون بابت کين ڪو به سرڪاري پيغام ناهي مليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.