ڌاڙيلن  خلاف اسلام آباد ۾ ڪشمور واسين جو  احتجاج،   وفاقي سرڪار عملي قدم کڻندي ؟

اتر سنڌ جي ضلعن ۾ ڌاڙيلن جي آزار خلاف متاثر شھرين آخرڪار اسلام آباد ۾ اچي بدامني خلاف پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.سنڌ حڪومت جي ڪنھن جوڳي ڪارروائي نھ ڪرڻ سبب سنڌ جي ذڪر ڪيل ضلعن جو ماڻھون بدامني جي باھ ۾ سڙي رھيو آھي.جنھن ڪري ماڻھون گھڻو تنگ آھن،ڪنھن بھ سماج ۾ امن امان کانسواءِ ترقي جو تصور ئي نٿو ڪري سگھجي.اسلام آ باد ۾ شھرين جي احتجاج جو وفاقي حڪومت کي فوري نوٽس وٺي ڌاڙيلن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ گھرجي.

ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي شھرين ڌاڙيلن جي آزار کان تنگ ٿي ڪري آخر ڪار اسلام آباد ۾  احتجاج ڪيو آھي.اربع ڏينھن نيشنل پريس ڪلب ٻاھران  احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڌاڙيل سندن زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آھي.شھرين جا معصوم ٻار ۽ نوجوان اغوا ٿي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي تھ سندن  چونڊيل نمائندا، ھنن جي ڪا ڳالهه ئي نٿا ٻڌن.

هڪ احتجاج ڪندڙ جو چوڻ ھو تھ مهينن دوران سندس  برادري جا 5 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن،پوليس متاثر ڌر جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ بھ تيار نھ آهي. مشھور صحافي ۽ نجي ٽي وي جي اينڪر حامد مير ” ڪيپٽل ٽاڪ “ پروگرام ۾ چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪراچي نه پر اسلام آباد ۾ اچي احتجاج پيا ڪن، پنجاب جي ڪچي جا ماڻهو به ڌاڙيل راڄ خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج جي تياري پيا ڪن. باقي خيبر پختونخوا واسي ويچارن کي ته اسلام آباد اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي.انهن اشوز تي اسان جي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڇو نٿو ٿئي، هنن چيو ته رياست اندر رياست بڻيل آهي،پ پ جي آغا رفيع الله چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ ڪشمور واسي پ پ جا ووٽر آهن،ڪشمور مان اسان جي ايم اين اي علي جان مزاري وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي هدايتون جاري ڪيون جنهن بعد محسن نقوي اسان سان ملاقات ڪئي آهي.

هن چيو ته اشو اهو آهي ته ڪشمور سان گڏ ٽن صوبن جي سرحد لڳي ٿي،اسان آپريشن ڪريون ٿا ته ڌاڙيل پنجاب يا بلوچستان نڪري وڃن ٿا،هن چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ۽ بدامني جو سلسلو ڪافي وقت کان هلي رهيو آهي،احتجاج ڪندڙن ايم اين اي علي جان مزاري سان به ملاقات ڪري پنهنجا اهنج ٻڌايا آهن،ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، ان ڪري وفاقي حڪومت سان اسان جا اعترض هوندا آهن.

سنڌ ۾ ڌاڙيل فئڪٽر ڪڏھن بھ رڪيو نھ آھي، ان کي ختم ڪرڻ يا ان کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ھر دور ۾ وقت جي حڪمرانن دعويٰ تھ ڪئي آھي، پر ان طرف ڪنھن بھ حڪومت گھربل ڌيان نھ ڏنو آھي.اتر سنڌ جا ضلعا خاص ڪري ڌاڙيلن جو ڳڙھ رھيا آھن،ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن وارا تجربا ھر حڪومت ڪيا آھن،پر اسان وٽ ڪڏھن بھ ڪنھن معاملي جي پاڙ تائين پھچڻ جي ڪوشش نھ ٿي آھي ۽ نھ ئي وري انھن جو  خاتمو ڪنھن سرڪار جي اوليت رھي آھي،جنھن ڪري وقتي طور تھ ڏوھن ۾ ڪنھن حد تائين ٺاپر آئي آھي پر اھو مسئلو ڪڏھن  ختم نھ ٿيو آھي.

اھو ڪو ايڏو ڏکيو سوال نھ آھي تھ ڌاڙيل ڪيئن ٿا پيدا ٿين يا اھي ڪھڙيون نرسريون ۽ ھيچريون آھن، جتي انھن جي وڏي کيپ يا لاٽ تيار ٿيندي رھي ٿي؟ دنيا ۾ ھر مسئلي جو حل آھي،ان جا سبب پڻ ڳولي سگھجن ٿا پر اھو پڻ تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن حڪومت، ان جي مشينري۽ حد جي پوليس ان ۾ سنجيدگيءِ اختيار ڪندي. عدليھ ۾ ڪيسن جي سست رفتاري سان ھلڻ جي ڪري مظلوم ڌر انصاف کان مايوس ٿي ڪري قانون کي ھٿ ۾ کڻڻ جو رواج پراڻو آھي، ڌاڙيل جي اڪثريت  پويان اھڙي پس منظر جون ڪئين ڪھاڻيون ملن ٿيون.

حقيقت جو ھڪ پاسو ھي پڻ آھي تھ  ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، سکر، شڪارپور ۽ گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ وڏي پيماني تي  منظم ڏوھن جي پٺيان ڪي ٻيا سبب آھن. زميندار،وڏيرو ۽  قبيلائي سردار پڻ اھڙيون ئي نرسريون آھن،جنھن سان ڌاڙيلن جي لاٽ تيار ٿي ڪري سماج جو رت چوسي ٿي،جنھن جو اثر سموري معاشري تي پوي ٿو. سنڌ جو ڪو بھ شاھي رستو توڻي لنڪ روڊ سج لھڻ بعد محفوظ ناھي.جيستائين انھن حقيقتن کي قبول ڪري،ڌاڙيل فئڪٽر جا اصل سبب ختم نھ ڪبا تيستائين ڌاڙيلن جو اھو آزار ختم نھ ٿيندو. نظام چئبو ئي ان کي آھي جتي ھڪ مٿان ٻيو وڏو آفيسر ھجي ۽ انھن مٿان وري وزير يا مشير ھجي،جتي ڪنھن مظلوم جي دانھن، ھيٺن سطح تي نھ ٻڌڻ جي صورت ۾، مٿي ٻڌي  وڃي،اتي بھ ڪو داد فرياد نھ ٿئي تھ، پوءِ وڏي وزير وٽ شڪايت کڻي وڃجي، ان آڌار ماڻھون قانون  لاڳو ڪندڙ اداري کان مايوس ٿي ويا آھن،جنھن ڪري  ھاڻي ماڻھون ملڪ جي راڄڌاني اسلام اباد جو رخ ڪري رھيا آھن.

ڌاڙيلن جي آزار سبب اتي جي رواجي زندگيءَ مفلوج بڻجي وئي آھي.ماڻهون  اغوا ٿين ٿا ۽ ڀنگ عيوض آزاد ٿين ٿا، ڪٿي ڪٿي تھ ان جي ٽياڪڙي پوليس بھ ڪندي  آھي.جنھن مان  ظاھر ٿئي ٿو تھ  سنڌ ۾ ڌاڙيل انڊسٽريءَ متحرڪ آهي،مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ پوليس جي يرغمال ٿيڻ جون وڊيوز بھ وائرل ٿينديون رھيون آھن.ان صورتحال مان اھو سمجھڻ ڏکيو نه آهي ته اتي جو عام ماڻھون ڪيتري قدر مجبوري ۾ حياتيءَ گھاري ٿو.

سوال ھي بھ آھي تھ ڇا  ڌاڙيل پوليس کان سگهارا آهن ؟ يا ڌاڙيلن وٽ پوليس کان وڌيڪ هٿيار آھن يا اھي وڌيڪ منظم آهن ؟ جي نه ته پوءِ آخر ڪار ڪهڙو سبب آهي جو انهن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون نٿيون ٿين، ان سان ٻيا بھ ڪيترا ئي سوال جنم وٺن ٿا ان ڪري پھرين ڪوشش ڪري انھن علائقن فرض شناس عملدار  مقرر ڪيا وڃن. جيڪي ڌاڙيلن کي مھمان نھ پر سماج  جو دشمن سمجھن.

سنڌ ۾ جڏھن بھ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿيو آھي، ان ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نھ ٿي آھي،ان دوران اڪثر آپريشن ۾ شامل پوليس جي اھا شڪايت رھندي آھي تھ ڌاڙيلن وٽ جديد ھٿيار آھن، ان ڪري انھن سان مقابلو ڪرڻ  آسان نھ آھي..سرڪار وٽ سمورا وسيلا آھن، جيڪڏھن ان مسئلي کي ترجيح ڏني وڃي تھ اھو مسئلو  حل ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.