ايشين ڊبلز اسڪوائش چمپيئن شپ جي آخري دنگل ۾ پاڪستان کي ڀارت هٿان شڪست

ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا ۾ جاري ايشين ڊبلز اسڪوائش چيمپيئن شپ ۾ ڀارت آخري دنگل ۾ پاڪستان کي هارائي چيمپيئن بڻجي ويو، جڏهن ته پاڪستان جي حصي ۾ چاندي (سلور) جو تمغو آيو.
مينز ڊبلز جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو هڪ ڪلاڪ ۽ 27 منٽ تائين جاري رهيو، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي 2-1 تان شڪست ڏني.
پاڪستان جي نور زمان ۽ ناصر اقبال پهريون گيم هارائڻ کانپوءِ فائنل 2-1 تان هارايو، جڏهن ته ڀارتي جوڙي اڀي سنگهه ۽ ويلاون سينٿل ڪمار 9-11، 11-5 ۽ 11-5 تان مقابلو کٽي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.