بلاول سان شادي لاءِ وڏي گهر جي هڪ ڇوڪري ڪارو جادو سکي رهي آهي: نجومڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري نجومڻ سامعه خان اڳڪٿي ڪئي آهي ته عمران خان جي قسمت ۾ هاڻ شيرواني ناهي، هاڻ هو ڪڏهن وزيراعظم نه بڻجي سگهندو.
نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ سامعه خان چيو ته بشريٰ بي بي ڪارو جادو ڪندي آهي ۽ مون کي پڪن ذريعن اها خبر ڏني آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مون وٽ خاور مانيڪا جي خاندان جي هڪ ڇوڪري آئي، هوءَ به بشريٰ بي بي ۽ خاور مانيڪا مان متاثر ٿي ڪارو جادو سکي رهي هئي، ان ڇوڪريءَ جو چوڻ هو ته ائين ڪرڻ سان منهنجي بلاول سان شادي ٿي ويندي ۽ مان به خاتون اول بڻجي وينديس.
عمران خان جي شادي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي سامعه خان چيو ته هاڻ هو چوٿين شادي نه ڪندو، سمجهدار ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.