ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گهرواري موٽرائڻ لاءِ ڪارو جادو ڪرائيندڙ مڙس کي جيل جي هوا کائڻي پئجي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ شخص گهرواري جي محبت واپس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاري جادو جو استعمال ڪيو.
پوليس موجب ان شخص گهرواري جي محبت ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ تي جادوگرياڻي سان رابطو ڪيو ۽ کيس پنهنجي زال بابت ڄاڻ ڏيندي سندس تصويرون ۽ وڊيوز به موڪليون.
پوليس ٻڌايو ته جادوگرياڻي ان ڪم لاءِ همراهه کان 20 هزار درهم گهريا، جيڪي هو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ان کانپوءِ جادوگرياڻي وڌيڪ 25 هزار درهم جو مطالبو ڪيو، جيڪي مڙس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي جادوگرياڻي کيس زال جي تصويرن سان بليڪ ميل ڪندي راز کولڻ جي ڌمڪي ڏني.
مڙس ڌمڪين کي نظرانداز ڪندي هڪ ٻي جادوگرياڻي سان رابطو ڪيو ۽ ان کي 10 هزار درهم ڏنا پر پوءِ به ڪم نه ٿيو، جنهن کانپوءِ هن ٽين عورت سان رابطو ڪيو، جنهن کانئس ڪي پيسا نه ورتا.
پوليس موجب عورت مڙس کان خلع لاءِ اڳ ئي ڪيس فائل ڪري چڪي هئي ۽ هوءَ ٻه مهينا اڳ مڙس جو گهر ڇڏي چڪي هئي.
هڪ عورت ذريعي زال کي خبر پئي ته مڙس ڪارو جادو ڪرائي رهيو آهي، جنهن تي هوءَ ثبوتن سان گڏ پوليس وٽ پهتي ۽ پوليس عورت جي شڪايت تي مڙس کي گرفتار ڪري 6 مهينن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو.
You might also like