سڄو سال مينهن ئي مينهن! دنيا ۾ سڀ کان گهڻي برسات ڪٿي ٿيندي آهي؟

دنيا ۾ ڪجهه هنڌ اهڙا آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿا.
اسان به اڄ توهان کي هڪ اهڙي ئي هنڌ بابت ٻڌائي رهيا آهيون، جتي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿينديون آهن.
مائونسرام اتر اوڀر ڀارت جي رياست ميگهاليه جي اوڀر جبلن جو هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو شيلانگ کان 61 ڪلو ميٽر پري آهي۔
مائونسرام ڀارت جو اهو علائقو آهي، جتي سڄو سال سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿينديون آهن، اتي سالياني برسات سراسري طور 11872 ملي ميٽر آهي.
وڌيڪ برساتن جو زور چوماسي سيزن ۾ هوندو آهي، اتان جا گهاٽا ٻيلا برسات وسائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اتي چوماسي سان گڏ سڄو سال برساتون ٿينديون رهنديون آهن.
گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ موجب مائونسرام ۾ 1985 ۾ 26000 ملي ميٽر (1000 انچ) برسات ٿي، جيڪا هيل تائين شايد دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پوندڙ برسات آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.