لکنئو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪٽر رِنڪو سنگهه کي سماج وادي پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر پريا سروج سان مڱڻي جي رڳو ٻن هفتن بعد ئي سندس لاءِ خوشخبري اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، اتر پرديش حڪومت رِنڪو سنگهه کي ڊسٽرڪٽ بيسڪ ايجوڪيشن آفيسر (بي ايس اي) جي عهدي تي مقرر ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊائريڪٽر آف بيسڪ ايجوڪيشن اڳواٽ ئي رِنڪو جي مقرريءَ بابت باضابطا خط جاري ڪري چڪو آهي، جيڪو عالمي سطح تي رانديگرن جي ڪارڪردگي ۽ مڃتا جو حصو آهي.
واضح رهي ته ڪرڪيٽر رِنڪو سنگهه 2023ع جي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) سيزن دوران شاندار ڪارڪردگي ذريعي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو هو، جنهن کانپوءِ هن ڀارتي ٽيم جو سفر طئي ڪيو.
ڪرڪيٽر هلندڙ مهيني اٺ جون تي پريا سروج سان مڱڻو ڪيو، جنهن جون تصويرون ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.
پريا سروج جو واسطو سماج وادي پارٽي سان آهي ۽ هوءَ 2024ع جي لوڪ سڀا چونڊن ۾ پارٽي جي ٽڪيٽ تي اتر پرديش جي مچليشهر سيٽ تان ڪاميابي ماڻي هئي.
You might also like