يوٽيوب پنهنجي وڊيو شيئرنگ پليٽفارم تي لائيو اسٽريمنگ ۾ اهم تبديلي آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت لائيو اسٽريمنگ لاءِ عمر جي گهٽ ۾ گهٽ حد وڌائي وئي آهي.
يوٽيوب جي هيلپ سپورٽ پئج موجب، 22 جولاءِ کان رڳو اهي ماڻهو يوٽيوب تي لائيو اسٽريمنگ ڪري سگهندا جن جي عمر 16 سال يا ان کان وڌيڪ هوندي.
ان کان اڳ يوٽيوب 13 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي صرف ڪنهن بالغ سان گڏ لائيو اچڻ جي اجازت ڏيندو هو، پر هاڻي اها حد وڌائي 13 کان 15 سال ڪئي پئي وڃي.
ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن واهپيدار جي عمر 16 سال نه آهي ۽ اڪيلي سر بنا ڪنهن بالغ جي لائيو اسٽريمنگ ڪندو ته مٿس مختلف پابنديون لڳايون وينديون.
شروعاتي ڪارروئي طور لائيو چيٽ کي غيرفعال ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي فيچرز تائين پهچ عارضي طور معطل ڪئي ويندي.
ڪمپني موجب، پاليسين جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪندڙ لائيو اسٽريمنگ وڊيوز کي هٽايو ويندو ۽ جنهن اڪائونٽ تي پابنديون لڳنديون، ان کي ٻئي چئنل تان به لائيو جي اجازت نه هوندي.
جيڪڏهن ان باوجود به لائيو اسٽريمنگ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اڪائونٽ مڪمل طور ختم ڪيو ويندو.
يوٽيوب موجب، 16 سال کان گهٽ عمر وارا تخليقڪار تڏهن ئي لائيو ڪري سگهندا جڏهن سندن چئنل تي ڪنهن بالغ شخص کي ايڊيٽر، مئنيجر يا مالڪ طور رسائي ڏني وئي هجي ۽ اهو بالغ به لائيو اسٽريمنگ ۾ موجود هجي.
ڪمپني ان تبديلي پٺيان سبب نه ڄاڻايو آهي، پر چيو پيو وڃي ته 16 سالن کان گهٽ عمر وارن لاءِ اها تبديلي جهٽڪو ثابت ٿي سگهي ٿي.
You might also like