اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو آهي ته رياست خلاف هٿياربند ڪارروائي يا تشدد بغاوت سمجهي ويندي.
محرم الحرام ۾ امن امان جي حوالي سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ضابطا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن تي سڀني فرقن جي عالمن جون صحيحون موجود آهن.
ضابطن ۾ چيو ويو آهي ته سڀني شهرين تي فرض آهي ته اهي آئين جي بالادستي تسليم ڪن، رياست خلاف هٿياربند ڪارروائي ۽ تشدد کي بغاوت سمجهيو ويندو.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل موجب ڪنهن فرد کي اهو اختيار ناهي ته اهو حڪومتي، سيڪيورٽي فورسز سميت ڪنهن فرد کي ڪافر قرار ڏئي، لساني تعصب، فرقيواراڻي تحريڪن جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ تشدد کي هٿي ڏيندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.
You might also like