اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ گوگل ڪروم ويب برائوزر ۾ هڪ دلچسپ فيچر شامل ڪيو ويو آهي.
اهو فيچر ڪروم برائوزر جي ڊيزائن کي وڏي حد تائين تبديل ڪري ڇڏيندو.
گوگل پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ گوگل ڪروم جي نئين ورزن ۾ واهپيدارن کي جديد تجربو ڏنو ويندو، جنهن سان موبائل ڊوائيسز تي ان جو استعمال وڌيڪ آسان ٿي ويندو.
ان فيچر جي ذريعي صارفين ايڊريس بار کي اسڪرين جي مٿئين حصي کان هيٺئين حصي ۾ منتقل ڪري سگهندا.
اهو فيچر اڳ ۾ آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ موجود هو ۽ هاڻي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرايو پيو وڃي.
نئين فيچر ۾ واهپيدار پنهنجي مرضي سان ايڊريس بار جي لوڪيشن سيٽ ڪري سگهي ٿو.
ايڊريس بار کي اسڪرين تي هيٺ آڻڻ لاءِ ان تي ٿوري دير آڱر رکي ان کي هيٺ منتقل ڪري سگهجي ٿو.
ان سان گڏوگڏ ڪروم جي سيٽنگز مينيو ۾ به ان حوالي سان آپشن ڏنو ويندو.
ايڊريس بار کي هيٺ آڻڻ سان واهپيدارن لاءِ ٽائيپ وارو عمل وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
گوگل موجب، ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن اندر اهو هڙني واهپيدارن کي دستياب هوندو.
You might also like