نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي آفيسر پراوين سواهني اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ناقابل شڪست آهي ۽ ان کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ ممڪن نه ٿي سگهيو.
پنهنجي بيان ۾ پراوين سواهني چيو ته پاڪستان اولهه محاذ تي اڄ تائين ڪنهن جنگ ۾ شڪست ناهي کاڌي، 1971 جي جنگ به رڳو اوڀر محاذ تي هارائي، جيڪڏهن ڀارت واقعي اولهه محاذ تي پاڪستان کي شڪست ڏئي ها ته اڄ لائن آف ڪنٽرول موجود نه هجي ها.
هن چيو ته اوڀر محاذ تي ڀارت فضائي ۽ زميني چرپر بند ڪري ڇڏي هئي، تنهن ڪري پاڪستان جي سپورٽ ممڪن نه رهي، اولهه محاذ تي پاڪستاني فوج سدائين ڄمي مقابلو ڪيو ۽ ڀارت لاءِ اهو محاذ ڪڏهن آسان نه هو.
پاڪستان کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ ممڪن نه ٿي سگهيو: اڳوڻي ڀارتي آفيسر جو اعتراف
You might also like