اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ناڻي جي مطالبن جي منظوري وقت اپوزيشن طرفان گوڙ ڪيو ويو، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽيون جيلن ۾ اضافي سهولتون وٺڻ لاءِ نه ٺاهيون ويون آهن، جيلن ۾ زال مڙس جي حقن کي يقيني بڻائڻ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ڪم ناهي، جيڪڏهن هر ايجنڊا تي قيدي نمبر 804 ئي هوندو، ته پوءِ سيڪريٽريٽ به ڪجهه نه ڪري سگهندو، ڪاش ڪميٽي وٽ جناح هائوس حملي جي جوابدارن کي معاف ڪرڻ جو اختيار هجي ها، ڪاش منهنجي وٽ زال مڙس کي جيل ۾ ملائڻ جو اختيار هجي ها، ڪاش مان سرڪاري عمارتن تي حملو ڪندڙن کي ڇڏائي سگهان ها، ڪاش مان توشا خانا جي ڪرپشن کي به معاف ڪري سگهان ها، پر جڏهن مون وٽ اهڙا اختيار ناهن ته مان ڇا ڪري سگهان؟ اعظم نذير تارڙ جي تقرير دوران اپوزيشن سان واسطو رکندڙ پي ٽي آءِ جي ميمبرن احتجاج ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڪجهه ميمبرن ڊيسڪن تي ڪتاب هڻي گوڙ ڪيو، ان دوران وفاقي وزير احسن اقبال پاڻ به ايوان ۾ بيٺي بيٺي وڊيو ٺاهيندو رهيو ۽ اپوزيشن ميمبر ڪوڙا ڪوڙا جا نعرا هڻندا رهيا، جڏهن ته انساني حقن واري ڊويزن لاءِ 1 ارب 74 ڪروڙ 35 لک رپين کان وڌيڪ رقم تي ٻڌل 5 مطالبا زر منظور ڪيا ويا، اپوزيشن پاران پيش ڪيل 96 ڪٽوتي واريون تحريڪون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اسان جا ڪيترائي لفظ حذف ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏهن ”ويگو ڊالي“جو نالو وٺجي ته مائڪ بند ڪيو وڃي ٿو، اجلاس دوران ناڻي ڊويزن جا 14 مطالبا زر منظوري لاءِ پيش ڪيا ويا، جنهن تي اپوزيشن 60 ڪٽوتي جون تحريڪون پيش ڪيون، ان کان اڳ اجلاس دوران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ڪٽوتي جي تحريڪن جو مقصد اهو آهي ته اسين حڪومت جي پاليسين سان اتفاق نٿا ڪريون، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ غيرمعمولي واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا عوام جي کل لاهي رهي آهي، سوا 500 ارب رپين جي اسمگلنگ ٿئي ٿي، پر ان کي روڪڻ لاءِ حڪومت جون ڪوششون مڪمل طور تي زيرو آهن، هن چيو ته ملڪ جي 44 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، ۽ هتي حڪمران عياشيون ڪري رهيا آهن، وزيراعظم ۽ صدر هائوس جا خرچ وڌي رهيا آهن، ٻڌايو وڃي، ته هي ڪهڙو انصاف آهي؟اسمبلي جي ميمبر عاليه ڪامران اظهارِ خيال ڪندي چيو ته ٽيڪس چوري کي روڪڻ جي ذميواري ڪنهن تي آهي؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، خيبرپختونخوا ۾ به حالتون ساڳيءَ ريت خراب آهن، اسد قيصر واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ اڳوڻي فاٽا ۾ ٽيڪسن جي نفاذ جي مخالفت نٿي ڪري، پر حڪومت کي گهرجي ته پهرين اتان جي عوام کي سهولتون مهيا ڪري ۽ جيستائين سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر نه ٿئي، ٽيڪسن کي مؤخر ڪيو وڃي، اپوزيشن طرفان پيش ڪيل 700 کان وڌيڪ ڪٽوتي جون تحريڪون رد ڪيون ويون، جڏهن ته قومي اسيمبلي اڄ فنانس بِل جي منظوري ڏيندي.