اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت سان جنگ بندي بعد سفارتي جنگ جو نئون محاذ کليو،وزيراعظم مون کي فون ڪري چيو ته مان سفارتي وفد جي اڳواڻي ڪريان،ان جنگ دوران پاڪستاني قوم هڪ ٿي وئي،صدر زرداري سان مشوري بعد اها ذميواري قبول ڪئي ۽ ٽيم ورڪ سان ڪم ڪيو،ٽيم لاءِ وزيراعظم ۽ مون پاڻ ۾ مشورا ڪيا،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته ششي ٿرور سان منهنجي ڀيٽ ڪئي وئي پر مون ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو،اسان پنهنجي مشن تي فوڪس رهياسين،پاڪستان جو ڪيس مضبوط هو،ڀارت ڪوڙ سان گڏ بيٺل هو،هن چيو ته اسان هر مرحلي تي دنيا کي سچ ٻڌائي رهيا هئاسين،جنگ جي ميدان ۾ به اسان جي فوج جو جواب ڀرپور هو،اڄ به پاڪستان جو ڪيس اهو آهي ته اسان جي خطي ۾ امن هئڻ ضروري آهي،ڪشمير،دهشت گردي ۽ سنڌ طاس مسئلن جو حل جنگ ناهي،اهي مسئلا اسان ڊائيلاگ ذريعي حل ڪري سگهون ٿا،ڀارت جو مسئلو اهو آهي ته 24 ڪروڙ عوام ۽ پوري ملڪ کي هڪ دهشت گرد ملڪ قرار ڏنو وڃي،اهو ڪافي مشڪل ڪيس آهي،مان جڏهن پرڏيهي وزير هئس ته ان دوران ئي اسان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري وياسين،صدر ٽرمپ سان صدر زرداري يا وزيراعظم شهبازشريف بدران فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات ٿيڻ واري سوال تي بلاول چيو ته ڀارت خلاف جنگ جي اڳواڻي جنرل عاصم منير ڪئي،ڀارت کي شڪست ڏني وئي،فوج جي هارايل سربراهه کي ماني جي دعوت ناهي ڏني ويندي،ان ڪري اسان جي فاتح آرمي چيف کي دعوت تي آمريڪا گهرايو ويو،هاڻي اسان جي واپار واري وزير ۽ پرڏيهي وزير جو آمريڪي دورو متوقع آهي،اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته ٽرمپ پاڪستان جو دورو ڪري،هن چيو ته ڪالهه قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيلڊ مارشل جي آمريڪي دوري بابت ڳالهيون ٿيون هونديون،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڀارت بابت پرڏيهي پاليسي مختلف هجڻ واري سوال تي هن چيو ته شهيد ڀٽو جڏهن اقتدار سنڀاليو ته تڏهن اڌ ملڪ وڃائي ويٺل هئاسين،هن ڀارت سان جنگ نه ڪئي پر ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪيا،شهيد بينظير ڀٽو ڪوشش ڪئي ته ٻنهي ملڪن ۾ امن قائم ڪيو وڃي،هن چيو ته مان جڏهن سياست ۾ آيس ته منهنجي سوچ به قائدعوام ۽ شهيد بي بي واري سوچ هئي ته ڀارت سان ڊائيلاگ ذريعي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن،ڪشمير تي اسان شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو واري ئي پوزيشن تي بيٺل آهيون جڏهن اسان آياسين ته اسان کي ڀارت ۾ مودي مليو،مودي جو طريقيڪار گجرات کان وٺي وزيراعظم ٿيڻ تائين توهان جي سامهون آهي،پاڪستان سمجهيو ته مودي واجپائي ۽ من موهن سنگهه جهڙو هوندو،اسان امن لاءِ ڪوششون ڪيون،مودي پنهنجو اصل چهرو گجرات ۽ ڪشمير ۾ ڏيکاري ڇڏيو،اسان پنجن ڏينهن جي جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏنو، هن چيو ته مان اميد اها ڪريان ٿو ته منهنجي وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ ئي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ امن قائم ڪيو وڃي،مودي جا فيصلا ڀارت ۽ پاڪستان جي فائدي ۾ ناهن،اسان وٽ جيڪا دهشت گردي ٿئي ٿي ان جي اڌ حصي جو تعلق ضرور ڀارت سان ڳنڍجي ٿو،اسان به پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جو ڀارت کي جواب ڏنو ته ان جو مطلب هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڀارت سان جنگ ٿئي،ٻنهي ملڪن جي 1.7 ارب عوام جو فيصلو دهشت گردي جي واقعن تي نه ٿيڻ گهرجي،مان رڳو پاڪستان نه ڀارت جي عوام جو به ڪيس وڙهي رهيو آهي،اسان کي ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري ذريعي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي عوام جي ترقي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن،هن چيو ته عمران خان چيو هو ته مودي کٽيندو ته اسان کي خوشي ٿيندي،پاڪستان جو پاڻي روڪيو ويو ته پوءِ بقا جي مسئلو حل ٿي ويندو،ڀارت اسان جي سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي رهيو آهي،پوءِ ته منهنجو مطالبو هوندو ته پاڪستان جنگ ڪري پنهنجي پاڻي جو حق بحال ڪري،درياهه تي پڇڙي وارن جو حق عالمي طور تي تسليم ٿيل آهي،هن چيو ته ڀارت ڪو معاهدو نٿو مڃي ته شملا معاهدو به ختم ٿي سگهي ٿو،منهنجي خيال ۾ اسان کي ڀارت جي نقل نه ڪرڻ گهرجي،شملا معاهدو ختم ٿيڻ سان پاڪستان کي فائدو نه ٿيندو،صدر ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ واري سوال تي هن چيو ته هر ملڪ پنهنجي مفاد ۾ پرڏيهي پاليسي جوڙيندو آهي،هڪ ٻئي صدر کي به امن جو نوبل انعام مليو هو جنهن آمريڪا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ بم ڪيرايا،جيڪو سڀ کان وڌيڪ جنگين ۾ ملوث رهيو،ان کي ته نوبل انعام مليو،آمريڪا جو جيڪو ڪردار غزا ۽ اسرائيل ايران جنگ ۾ رهيو ان ۾ ته پاڪستان نوبل انعام لاءِ کيس تجويز نه ڪيو،ٽرمپ کي ان ڪري نامزد ڪيو ويو ته هن پاڪ هند وچ ۾ جنگ بندي ڪرائي هئي،جيڪڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ مستقل امن قائم ڪرايو وڃي ٿو ته ان صورت ۾ صدر ٽرمپ جو امن جي نوبل انعام لاءِ مضبوط ڪيس هوندو،جيڪڏهن صدر ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ۽ فلسطين ۾ به امن قائم ڪرائي ٿو ته ان صورت ۾ به نوبل انعام لاءِ حقدار بڻجي ٿو،هن چيو ته منهنجي خواهش هوندي ته پنهنجي ملڪ ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ امن قائم هجي،ايران ۾ به ڪوڙ جي بنياد تي حملو ڪري جنگ ڇيڙي وئي،عراق ۾ به خطرناڪ هٿيارن جو ڪوڙ ٺاهي جنگ ڪئي وئي،باقي قطر تي حملي تي اسان اعتراض ڪنداسين ڇو ته قطر جو ڪهڙو ڏوهه هو؟هن چيو ته قطر ۾ آمريڪي اڏو آهي پر ان اڏي جو ايران تي حملي سان ڪو به تعلق ناهي،جنگبندي نه پر مستقل امن قائم ٿيڻ گهرجي،دنيا جي معيشت جنگين جي سٽ نٿي سهي سگهي،وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي عهدي بابت سوال تي هن چيو ته مان پرڏيهي وزير رهي چڪو آهيان،هاڻي مان پارٽي چيئرمين جون ذميواريون نڀائي رهيو آهيان،مان سمجهان ٿو ته پيپلزپارٽي کي قومي مفاد ۾ ٿورو نظرانداز ڪيو ويو آهي،منهنجي دلچسپي هن وقت ڪنهن وزارت بدران پنهنجي پارٽي تي ڌيان ڏيڻ ۾ آهي،مان آئيني مدو پورو ٿيڻ بعد پنهنجي ئي پارٽي جي وفاقي حڪومت بڻائڻ جي خواهش رکان ٿو ۽ پنهنجي پارٽي جو ئي وزيراعظم بڻائيندس،وزن گهٽجڻ بعد سوشل ميڊيا تي ميمز جي طوفان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان سوشل ميڊيا تي ميمز ۽ تبصرن کي ايترو نه ڏسندو آهيان،مون کي کاڌن ۽ ورزش جو شوق ناهي،منهنجي والد ۽ خاندان ۾ شگر جي بيماري آهي،پوءِ مون انهن شين کي سنجيده وٺڻ شروع ڪيو،ان ڪري پنهنجو وزن گهٽايو آهي،ٻاجهر جي ماني ٻن سالن کان کائي رهيو آهيان،حليم،دال به کائيندو آهيان،باقي کنڊ کان پري آهيان.