ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ چار ارب رپيا مختص ڪري سنڌ جي عوام سان وڏو دوکو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي هميشه اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حقن جو سودو ڪيو آهي اسان انهي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته هاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي ماڻهن جي پئسن مان زمينون ڪمپني سرڪار جي حوالي ڪيون وينديون ۽ اهي زمينون جن تي صدين کان مقامي ماڻهو آباد آهن انهن کي بي دخل ڪري دربدر ڪيو ويندو. هن چيو ته ان فيصلي خلاف سڀني سياسي ۽ سماجي قوتن کي گڏائي هڪ گڏيل حڪمت عملي ٺاهي زور ڀري عوامي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، ۽ سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن مزاحمت ڪئي ويندي.