هڪ قطبي دور کان ٻيهر ٻه قطبي دنيا تائين!

تحرير: ساحر ٻپڙ

دنيا جي سياست، وسيلن، معاشي حڪمراني ۽ جنگي حڪمت عملين جا نقشا هر دور ۾ بدلجندا رهيا آهن، پر 1991ع کانپوءِ جيڪو دور شروع ٿيو، اُن کي عالمي سطح تي "هڪ قطبي دنيا” جو دور سڏيو ويو. انهيءَ دور ۾ آمريڪا اڪيلو عالمي طاقت طور اڀريو، جڏهن سوويت يونين جو زوال ٿيو ۽ سرد جنگ جو خاتمو ٿيو. انهيءَ لمحي کان وٺي دنيا هڪ اهڙي سياسي رُخ ڏانهن وڌڻ لڳي جتي آمريڪا جي مرضي بنا ڪا به عالمي پاليسي اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. افغان جنگ جي ڪاميابي، وچ اوڀر ۾ فوجي مداخلتون، عالمي مالياتي ادارن تي تسلط، گڏيل قومن ۾ ويٽو پاور جو غير اخلاقي استعمال ۽ نيٽو جي ذريعي دنيا جي مختلف حصن تي اثر رسوخ قائم ڪرڻ. اهي سڀ ڪجهھ انهيءَ "هڪ قطبي دور” جي نشانين مان هئا. هن دور ۾ مغربي ميڊيا جو غلبو، سيڪيولر جمهوريت جي تبليغ، اسلامي دنيا جي ڪمزوري ۽ ايشيا جي صنعتي طاقت جو مغربي اثر هيٺ اچڻ واضح طور محسوس ٿي رهيو هو. آمريڪا جي "نئون ورلڊ آرڊر” واري سوچ، عراق تي حملن، افغانستان جي تباهي ۽ عرب بهار جي پردي پويان سياسي سرگرميون انهيءَ هڪ قطبي دنيا جا اظهار هئا، جتي طاقت جو محور فقط هڪ ملڪ آمريڪا هو. پر تاريخ ساڳئي رخ تي ڪڏهن به نه هلندي آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، مختلف قومون، بلاڪ ۽ مزاحمتي محور ڳاٽ اوچو کڻندا ويا ۽ هاڻي دنيا هڪ اهڙي دڳ تي بيٺي آهي جتان ٻيهر سياسي طاقت جي ورهاست جا آثار نمايان ٿي رهيا آهن.

ماضيءَ ۾ به دنيا اهڙن ئي بلاڪن ۾ ورهائجي رهي ھئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا ٻه قطبي ٿي وئي هئي، هڪ پاسي آمريڪا ۽ اُن جا اتحادي هئا جن کي "پئرس بلاڪ” يا مغربي بلاڪ سڏيو ويو، جڏهن ته ٻئي پاسي سوويت يونين، چين ۽ ٻين ڪميونسٽ ملڪن تي ٻڌل بلاڪ وجود ۾ آيو جنهن کي اوڀر بلاڪ چيو ويو. هي دور "سرد جنگ” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جتي ٻنهي بلاڪن جي وچ ۾ سڌي جنگ بدران پراڪسي جنگين، جاسوسي، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ سياسي گهيرو ڪشي جو سلسلو جاري رهيو. ڪوريا، ويٽنام، افغانستان، ايران ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪيترائي ملڪ انهي ٻن بلاڪن جي پراڪسي جنگن جو شڪار ٿيا. ميڊيا، تعليم، ادب، اقتصاديات ۽ هٿيارن جي سياست ٻنهي بلاڪن جي اثر ۾ اچي وئي هئي. ساڳيءَ طرح هاڻ جڏهن روس يوڪرين تي حملي کانپوءِ اولھ سان کلي ويڙھ ۾ اچي ويو آهي، چين پنهنجي "بيلٽ اينڊ روڊ انيشئيٽو” ذريعي دنيا جي اڪثر حصن ۾ واپاري، سفارتي ۽ فوجي اثر وڌائي رهيو آهي ته لڳي ٿو دنيا ٻيهر هڪ نئين ٻه قطبي دور ڏانهن وڌي رهي آهي. جيئن چين جي "بيلٽ اينڊ روڊ” منصوبي سان گڏوگڏ آفريڪا ۾ واپاري ۽ فوجي اثر وڌي رهيو آهي، روس قطب شماليءَ ۾ پنهنجي سامونڊي رستن جي حڪمراني لاءِ سرگرم آهي ۽ هندوستان به انڊو-پيسفڪ اتحاد ۾ آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا سان ويجهڙائي پيدا ڪري رهيو آهي، تيئن نئين جاگرافيائي صف بندي ڪري دنيا ۾ نوان مرڪز به جنم وٺي رهيا آهن، جيڪي خطن جي اندروني سياست ۽ عالمي رستن تي به اثر انداز ٿي رهيا آهن.

موجوده حالتن ۾ هڪ پاسي آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، جاپان، آسٽريليا ۽ نيٽو اتحاد آهن، جيڪي آمريڪي حڪمت عمليءَ کي عالمي قانون بڻائڻ چاهن ٿا. ٻئي پاسي چين، روس، ايران، اتر ڪوريا ۽ ڪيترائي ترقي پزير ملڪ آهن، جيڪي آمريڪي بالادستيءَ کي چئلينج ڪري رهيا آهن. بريڪس، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ چين-ايران-روس جو ويجهو ٿيندڙ اتحاد واضح ڪري ٿو ته نئين عالمي بلاڪ بندي جنم وٺي چڪي آهي. اڄ جو دور هاڻ صرف طاقت جي هٿيارن تائين محدود نه رهيو آهي پر اهو معاشي جنگ، ڊجيٽل برتري ۽ واپاري لاڪ ڊائون تائين وڌي چڪو آهي. ڊالر جي اجاراداري کي ختم ڪرڻ لاءِ چين ۽ روس پنهنجا ڪرنسي بلاڪ آڻي رهيا آهن. ايران، وينزويلا ۽ سعودي عرب تيل جي واپاري پاليسين کي مغربي اثر کان آزاد ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن. آمريڪا جي معاشي پابندين جو ٽوڙ هاڻ بريڪس ملڪن جي نئين معاشي پاليسين سان ڪيو پيو وڃي. ان کان سواءِ سائبر وار، ڊيٽا ڪنٽرول، مصنوعي ذهانت ۽ خلا جي حڪمراني به نون بلاڪن جي مقابلي جا نوان ميدان بڻجي رهيا آهن. عالمي ميڊيا جيڪو اڳ آمريڪا جي اثر هيٺ هو، هاڻي متبادل رسالن، سوشل ميڊيا ۽ چيني-روسي پليٽفارمن جي ذريعي چئلينج ٿي رهيو آهي. تہ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ حالیہ ڇڪتاڻ بہ عالمي صف بنديءَ جو مرڪز بڻجي رهي آهي. ايران جي پٺيان چين، روس ۽ مزاحمتي اسلامي قوتون آهن، جڏهن ته اسرائيل کي آمريڪا، يورپ ۽ ڪجھ عرب رياستن جي حمايت حاصل آهي. اها ڇڪتاڻ موجوده دنيا کي ٻن واضح بلاڪن ۾ ورهائڻ واري عمل کي تيز ڪري رهي آهي، هڪ پاسي مغربي سيڪيولر سرمائيدار قوتون، ٻئي پاسي غير مغربي مزاحمتي ۽ نظرياتي اتحاد. ايران جي خلاف ۽ حق ۾ ٿيندڙ عالمي صف بندي مستقبل جي ٻيهر ٻه قطبي دنيا لاءِ بنياد وجهي رهي آهي.

ساڳي وقت اسلامي دنيا جي عوام ۾ بيداري، آمريڪي پاليسين خلاف مزاحمت ۽ فلسطين، يمن، شام، ڪشمير جهڙن علائقن ۾ عالمي خاموشيءَ خلاف آواز اڀري رهيا آهن، جيڪي مستقبل جي بلاڪن ۾ مذهبي، نظرياتي ۽ ثقافتي رخ کي به اثرانداز ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ عالمي بلاڪ بندي هاڻ صرف جاگرافيائي ۽ سياسي ناھي رهي پر اھا نظرياتي رخ به اختيار ڪري رهي آهي. سوال اھو اڀري ٿو ته ڇا ايندڙ دور ۾ ايماني، اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل بلاڪ به جنم وٺندا؟ ڇا اسلامي دنيا پاڻ مرادو هڪ نئون بلاڪ بڻجي سگهندي يا وري عالمي پراڪسي پاليسين جو حصو رهندي؟ اهو فيصلو ايندڙ دور جي شعور، اتحاد ۽ مزاحمتي صلاحيت تي دارومدار رکي ٿو. اهو سمورو منظرنامو ظاهر ڪري ٿو ته دنيا ٻيهر هڪ اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، جتي ڪو به اڪيلو ملڪ عالمي فيصلا نه ٿو ڪري سگهي. طاقت جو توازن ٻيهر ورهائجي رھيو آهي. هاڻ قومن کي چونڊ ڪرڻي پوندي ته هو ڪهڙي بلاڪ جو حصو بڻجن ٿا؟ انهيءَ صورتحال کي ڏسندي اسان چئي سگهون ٿا ته "هڪ قطبي دنيا” جو دور هاڻ پنهنجي پڄاڻيءَ تي آهي ۽ دنيا ٻيهر "ٻه قطبي دنيا” جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جتي دنيا جو طاقت وارو مرڪز هاڻ هڪ هٿ مان نڪري گهڻن هٿن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. قومون صرف ساٿ ڏيڻ لاءِ نه پر مزاحمت، خود انحصاري ۽ قدرن تي ٻڌل صف بندي لاءِ مجبور ٿينديون. نئون دور صرف بندوقن جي نه پر اقتصاد، فڪر، علم، ڊيٽا ۽ ثقافت جي حوالي سان به ويڙھ وڙهندو.

موجوده حالتن ۾ هڪ پاسي آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، جاپان، آسٽريليا ۽ نيٽو اتحاد آهن، جيڪي آمريڪي حڪمت عمليءَ کي عالمي قانون بڻائڻ چاهن ٿا. ٻئي پاسي چين، روس، ايران، اتر ڪوريا ۽ ڪيترائي ترقي پزير ملڪ آهن، جيڪي آمريڪي بالادستيءَ کي چئلينج ڪري رهيا آهن. بريڪس، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ چين-ايران-روس جو ويجهو ٿيندڙ اتحاد واضح ڪري ٿو ته نئين عالمي بلاڪ بندي جنم وٺي چڪي آهي. اڄ جو دور هاڻ صرف طاقت جي هٿيارن تائين محدود نه رهيو آهي پر اهو معاشي جنگ، ڊجيٽل برتري ۽ واپاري لاڪ ڊائون تائين وڌي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.