سنڌ ۾ امن امان جي ڳولا لاءِ اسلام آباد پهتل قافلو!

تحرير: منظور کوسو

اتر سنڌ جي ضلعن ڪنڌڪوٽ-ڪشمور،گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ امن امان جون حالتون بدستور ڳڻتي جوڳيون آهن جتي ڪوبه جيءُ ننڍو ٻار يا وڏو محفوظ ڪين آهي۔ڪاروباري سرگرميون تباهي ڪناري پهچي چڪيون آهن،ڪاروبار به تڏهن ٿيندا آهن جڏهن امن ۽ انصاف هوندو آهي پر جڏهن واپاري پنهنجن ڪاروبارن تي ۽ گهر ايندي ويندي ڦرجي وڃن،خونخوار قبائلي جهيڙن جهڳڙن جي ڪري ماڻهو شهرن تائين نه اچي سگهن ۽ پنهنجن ڳوٺن تائين محدود هجن،ڏوهاري سرعام شريف شهرين کان ڀتا خوري ڪن جڏهن چاهين معصومن کي اغوا ڪري کڻي وڃن۔ڪانوائي ۾ پوليس پهري هيٺ مسافر ڦرجي وڃن ته سوچڻ جو مقام آهي ته انهن حالتن ۾ انهن علائقن جي ماڻهن جي ڇا حالت هوندي۔ماڻهو اڳي ئي مفلسي ۽ بيروزگاري واري حالت ۾ سڏڪي سڏڪي پيا زندگي گذارين مٿان هي قبائلي فسادن ۽ ڌاڙيلن جو آزار۔

هن قهري ماحول ۾ ته ڪنڌڪوٽ-ڪشمور مان هندن جا ڪافي خاندان لڏپلاڻ ڪري ڀارت هليا ويا آهن جيڪا اسان سڀني خاص ڪري انتظاميه لاء نهايت شرم جوڳي ڳالھ آهي۔سرڪار تي هي هڪ وڏو تاريخي داغ آهي ته رياست ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي ۽ ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا،جيتوڻيڪ جنم ڀومي ڇڏڻ هڪ وڏو الميو آهي پر ماڻهو آخر ڇا ڪن جڏهن انهن جا معصوم ٻار اغوا ٿين،وڏا اغوا ٿين مهينو ٻه مهينا ڌاڙيلن جي قيد ۾ تشدد ۽ تڪليفون سهي ڪروڙين روپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿين نه ڪا داد ٿئي نه ڪو فرياد ٻڌي،ته پوء اڃان به پنهنجن شهرن ۾ رهڻ لاء باقي ڪهڙو جواز ٿو ٺهي۔ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور ۾ هندو برادري جي معصوم ٻچڙن ۽ جوانن کي هڪ سازش تحت اغوا ڪري هنن کي هيسائي هتان لڏائي انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ جي هڪ پلاننگ رٿي وئي آهي۔

افسوس ته پهرين ڪنهن معتبر سردار جي ڳوٺ مان ڪنهن جي چوري يا ٻيو ڪو واقعو ٿيندو هو ته هو ان کي پنهنجي توهين ۽ متاثر کي انصاف وٺرائي ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو ڪو لڏيندو هو ته ان کي منٿ ميڙ ڪري ويهاريو ويندو هو ته ماڻهو ڇا چوندا ته فلاڻي خان جي ڳوٺ مان ماڻهو ڇو ٿا لڏين؟اڄ ڪالھ سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ آئي ڏينهن ڏسون پيا ته هندو برادري لڏيندي پئي وڃي پر ڪوبه ڀوتار،امير،سردار جيڪي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور جا بي تاج بادشاه آهن لکين ووٽ ڏئي ماڻهن انهن کي اسيمبلين ۾ پهچائي عزت بخشي پر مجال اٿن جو ٻه قدم اڳتي وڌي متاثرين کي ڪا دلجاءِ ڏين۔پوءِ ماڻهو ته اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهن يا ته ڀوتارن جي  ڏوهارين سان سنگت آهي يا ته وري اهي به پوليس جيان ڏوهارين اڳيان بيوس ۽ لاچار آهن۔

شايد سنڌ سرڪار کان نااميد ٿي ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي سول سوسائٽي امن امان جي تلاش ۾ اچي اسلام آباد ۾ ڌرڻو لڳايو آهي۔چون ٿا ته ڏوهارين وٽ ملٽري گريڊ جا هٿيار آهن جنهن ڪري آپريشن ۾ هر ڀيري پوليس کي جاني نقصان پهتو آهي،پر اهو ته ڪو ٻڌائي ته اهي ملٽري گريڊ جا ڳرا هٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪيئن پهتا ۽ ڪنهن پهچايا؟اڄ ڏينهن تائين ذميوار ادارا اهو به طئي ڪري ڪين سگهيا۔پر مونکي چڱي طرح ياد آهي ته 2023 ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ سنڌ پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪرڻ لاءِ 2ارب 79ڪروڙ 60لک روپيا منظور ڪيا ويا هئا جنهن جو مقصد اهو هيو ته اتر سنڌ جي مذڪوره ضلعن جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري امن امان قائم ڪرڻ،پر اسان ڏسون ٿا ته 2023کانپوء ڏوهن زور ورتو آهي سوين مانهو اغوا ٿيا ۽ ڀنگ ڀري موٽيا آهن۔چند ڏينهن اڳ پوليس جي پرواهه نه ڪندي تنگواڻي روڊ تي مسافر ڪوچن،ويگنن ۽ ٻين گاڏين کي ڏينهن ڏٺي جو قطار ۾ بيهاري ڌاڙيل ڦريندا رهيا ۽ هن قسم جا واقعا هاڻي روز جو معمول بنجي چڪا آهن پوليس ڪڏهن به ڏوهارين ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي نه سگهي۔تر جا ايم اين اي شهريار خان مهر ۽ مير شبير احمد بجاراڻي وزيراعلي سنڌ مراد علي شاه سميت اعلي اختيارن آڏو دانهيندا رهيا.

هاڻي تازو به انهن ٻنهي جي وزيراعلي،وزيرداخلا ۽ آئي جي سنڌ سان ملاقات ٿي آهي ته ڏوهارين خلاف گرينڊ آپريشن ڪيو وڃي ۽ اهوئي بدامني جو حل آهي پر ڪا خبر نه ٿي پوي ته آخر ڌاڙيلن خلاف جوائنٽ آپريشن ڇونه پيو ڪيو وڃي ۽ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن۔ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي سول سوسائٽي،سماجي سياسي، مذهبي پارٽيون ۽ هندو پنچائت گذريل پنجن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آهي ته اسانکي امن ڏنو وڃي۔امن جيڪو انهن جي بنيادي انساني حقن مان هڪ آهي۔عوام کي بناتفريق جي امن فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي۔ڪنڌڪوٽ ڪشمور کان امن جي تلاش ۾ هليل سول سوسائٽي جون دانهون ضرور طاقتور ايوانن تائين به پهتيون هونديون پوءِ به جيڪڏهن کين امن نه ٿو ملي ته ماڻهو ضرور چوندا ته رياست امن امان قائم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي نه ته چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوهاري رياست کان وڌيڪ هرگز طاقتور ناهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.