گذريل ڏينهن آمريڪي ڳجھن ادارن جي رپورٽ سامهون آئي ته ايران اسرائيل ۽ آمريڪا سان ڊگهي عرصي تائين جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.15 جون تي عمان ۾ آمريڪا سان ڳالهيون طئي ٿيل هيون، پر 13جون تي اسرائيل ايران تي حملو ڪري دنيا کي حيرانگيء ۾وجهي ڇڏيو پر ايران پوري دنيا کي ٻڌايو ته اڳرائي اسرائيل ڪئي آهي ان ڪري کيس جواب ڏيڻ لازمي آهي ڇوته اسرائيل حملي ۾ شهري آبادي ۽ ايران جي ڪمانڊرز کي شهيد ڪيو ويو، اسرائيل اين پي ٽي جي ڪنهن به معاهدي تي صحي ڪندڙن مان ناهي جڏهن ته ايران جو ايٽمي پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي.ايران دنيا آڏو واضح ڪيو ته اسان جو سپريم ليڊر چئي چڪو آهي ته اسان جو ايٽمي پروگرام پرامن آهي،پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اسان ڊگهي عرصي تائين هر مخالف سان پنهنجي وسيلن آهر جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ڏيڍ ٻن سالن تائين اسان جو اسلحو استعمال ٿي سگهي ٿو۔ دنيا ڏٺو ته ايران نوان نوان ميزائيل استعمال ڪري اسرائيل جو غرور ٽوڙي آمريڪا طرف منهن ڪيو۔ان جي به شروعات آمريڪا ڪئي ۽ اسرائيل جي ڌر بڻجي ايران مٿان حملو ڪيو جڏهن ايران آمريڪا کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار پئي ٿيو ته آمريڪي عوام ٽرمپ حڪومت خلاف سراپا احتجاج ٿي ويو ۽ ايران کي اپيل ڪرڻ لڳا ته اسان تي رحم ڪريو اسانکي معافي ڏيو ۽ آمريڪا ۾ جهڙوڪر ٽرمپ هٽايو تحريڪ شروع ٿي ويئي۔ ٽرمپ عوام جو پريشر برداشت نه ڪري سگهيو هوڏانهن ايران مسلم ملڪن ۾ آمريڪي اڏن کي جيئن ئي نشانو بڻايو ته ٽرمپ جون دانهون نڪري ويون ۽ اعلان ڪيو ته اسرائيل ۽ ايران جنگ بندي تي متفق ٿي ويا آهن. پر اسرائيل ۽ ايران اڃا تائين ان جي تصديق نه ڪئي آهي۔
اهو اعلان ٽرمپ پاران قطر ۾ آمريڪي هوائي اڏي تي محدود ايراني حملي جي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ تي تهران جو شڪريو ادا ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو.ايران تي حملي کان اڳ آمريڪا ۽ اسرائيلي اختيارين وچ ۾ فون ڪال تي گرما گرمي ٿي،نائب صدر جي ڊي وينس سخت مخالفت ڪندي چيو ته اسرائيل دٻاءُ وجهي آمريڪا کي جنگ ۾ ڌڪي رهيو آهي،آمريڪا کي ان جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي،جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم ۽ اعليٰ اختياريون جنگ ۾ آمريڪا جي شريڪ ٿيڻ تي زور ڀرينديون رهيون،انهن جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته آمريڪا سستي کان ڪم وٺي رهيو آهي،اسرائيل ٻن هفتن جي مهلت تي مايوسي جو اظهار ڪيو،جي ڊي وينس فوري طور تي آمريڪي شموليت لاءِ دٻاءُ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسرائيل آمريڪا کي وسيع تر تڪرار ڏانهن گهلي رهيو آهي.
بهرحال آمريڪي حملا ٿيڻ کان پوءِ ايران جي مختلف شهرن ۾ شديد عوامي احتجاج ٿيو،مرڪزي تهران ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ آمريڪي جارحيت خلاف نعرا هنيا،هن احتجاج ۾ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان به شرڪت ڪئي ۽ آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي،مظاهرن دوران ماڻهن آمريڪا خلاف پنهنجو ڏک ۽ ڪاوڙ ظاهر ڪيو ۽ ايران جي خودمختياري تي ٿيل حملي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو،آمريڪا پاران ايران جي جوهري تنصيبات تي حملي کان پوءِ تهران جي انقلاب اسڪوائر تي هزارين ماڻهن حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي احتجاج ڪيو ۽ عالمي ادارن کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو۔ جڏهن ته اسرائيل ايران تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو آهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ آمريڪي صدر ۽ قطر جي ثالثي ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي صرف ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايران اسرائيل تي نوان ميزائل حملا ڪيا آهن.
گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ مڪمل جنگ بندي جو اعلان ڪندي چيو ته جنگ بندي هاڻي کان تقريبن ڇهن ڪلاڪن ۾ شروع ٿي ويندي جڏهن هر ملڪ پنهنجون فوجي ڪارروايون ختم ڪندو.ٽرمپ پنهنجي سماجي سائيٽ تي لکيو، "سڀني کي مبارڪون هجن! جنگ سرڪاري طور تي ختم ٿي ويندي.”ٽرمپ چيو ته، "ايران باضابطه طور تي جنگ بندي شروع ڪندو ۽ دنيا 12 ڏينهن جي جنگ جي سرڪاري خاتمي کي سلام ڪندي.جڏهن ته جنگي ڌرين پاران ڪوبه اهڙو اعلان سامهون ناهي آيو پر ايران ۾ عوام فتح جا جشن ملهائي اسرائيل ۽ آمريڪا جي شڪست جا نعرا هڻي رهيو آهي هوڏانهن خبر آئي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي چاهي ٿو۔
صدر ٽرمپ جنگ بندي جو اعلان ڪندي اهو به چيو ته هن فرض تي ته هر شيءِ جيئن جو تيئن ٿيڻ گهرجي، مان ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. ٽرمپ چيو ته هي هڪ اهڙي جنگ آهي جيڪا سالن تائين هلي سگهي ٿي ۽ سڄي وچ اوڀر کي تباهه ڪري سگهي ٿي، پر مان ائين ٿيڻ ڪڏهن به نه ڏيندس. جڏهن اسرائيل ۽ ايران ٻنهي اڃا تائين جنگ بندي معاهدي جي تصديق نه ڪئي آهي ته پوء ٽرمپ کي ڇو فڪر ورتو آهي هونء به دنيا اندر فتنو فساد ۽ جنگ جدل جا سمورا پيرا آمريڪا طرف وڃن ٿا ايران اسلامي انقلاب واري پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شيطان بزرگ آمريڪا جي اصليت دنيا کي ڏيکاري چڪو آهي هاڻي جڏهن اسرائيل جي نابوديء کانپوء آمريڪا جي برباديء جو وارو آيو آهي ته جنگبندي جا اجايا اعلان ڪري پنهنجي سچائي ڏيکاري رهيو آهي۔ ايران پنهنجي هم آهنگ ملڪن سان گڏجي منافق ٽولي سميت اسرائيل ۽ آمريڪا جي خاتمي تائين جنگ وڙهڻ گهرجي۔هن وقت اسرائيل ۽ آمريڪا زخمي نانگ بڻيل آهن جيڪڏهن انهن جو خاتمو نه ايندو ته هي ٻئي شيطاني ملڪ گڏجي وري ڪنهن ٻئي ملڪ تي وار ڪندا۔ تاريخ شاهد آهي ته جنگ سان ڪڏهن به مستقل امن حاصل نه ٿيو آهي. آمريڪا جو هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ صرف ايران جي جوهري پروگرام جي روڪٿام تائين محدود ناهي، بلڪه اها هڪ وڏي طاقت جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهي ته جيئن وچ اوڀر ۾ پنهنجي گرفت قائم رکي. پر جيڪڏهن اها گرفت صرف هٿيارن ذريعي قائم ڪرڻي آهي ته پوءِ اها ڪجهه وقت لاءِ ته رهي سگهي ٿي، پر آخرڪار ردعمل ۽ بغاوت جنم وٺندي.
موجوده صورتحال ۾، گڏيل قومون، اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، انساني حقن جون تنظيمون ۽ امن پسند قومون گڏجي اڳتي وڌن، ۽ جنگ کي بند ڪرائڻ لاءِ هڪ جامع سفارتي ڪوششون شروع ڪن. سعودي عرب، قطر، ترڪي، ملائيشيا جهڙا ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته هن خطي جو امن فقط ايران يا اسرائيل لاءِ نه، بلڪه سڄي اسلامي دنيا ۽ عالمي معيشت لاءِ ضروري آهي. گڏيل قومون فقط قراردادون جاري ڪرڻ تائين محدود نه رهن، بلڪه عملي طور جنگي ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌن. وقت جي تقاضا آهي ته امن جي حمايت ڪئي وڃي، جنگ سان صرف تباهي ئي ايندي آهي ۽ هاڻي هي دُنيا ڪنهن ٻي تباهيءَ جي متحمل نٿي ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪوبه ملڪ امن لاء ٽياڪڙي ڪري ٿو ته يقينن ايران جنگ بندي جو احترام ڪندو، بشرطيڪه اسرائيل به ان جي شرطن تي عمل ڪري.مضمون لکندي اسرائيل جي بچاءُ واري وزير جو بيان سامهون آيو جنهن ۾ هن چيو ته اسرائيلي فوج کي ايران جي جنگ بندي جي خلاف ورزي جي جواب ۾ تهران ۾ ايراني حڪومت کي نشانو بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي.جڏهن ته ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب ايران ان الزام کي رد ڪري ٿو ته جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ هن اسرائيل تي ڪو به ميزائل فائر نه ڪيو آهي.ايراني صدر پنهنجي قوم کي چيو ته اڄ ايراني فوج جي بهادري ثابت قدمي ۽ مزاحمت کان پوءِ، اسان 12 ڏينهن جي جنگ جي خاتمي ۽ جنگ بندي جي اعلان جا شاهد آهيون – هڪ جنگ جيڪا صهيوني حڪومت جي مهم جوئي ۽ اشتعال انگيزيءَ جي نتيجي ۾ ايران تي مسلط ڪئي وئي هئي. انهن 12 ڏينهن دوران، دنيا هڪ عظيم، طاقتور ۽ خود انحصار ڪندڙ ايران جي طاقت ڏٺي، جنهن کي ان جي عوام جي مڪمل حمايت حاصل هئي.جيتوڻيڪ هي جنگ هڪ دهشتگرد دشمن طرفان شروع ڪئي وئي هئي، پر ان جو خاتمو ايراني قوم جي عزم، دانائي ۽ طاقت سان طئي ٿيو.هي هڪ اهڙي فتح آهي جنهن تي ايران جي روشن خيال، باوقار ۽ پرعزم ماڻهن جو فخر آهي، جن تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي بنياد رکيو آهي.
جيڪڏهن جنگ بنديکانپوءِ اسرائيل طرفان الزام تراشيء واري بيان بازي ٿيندي رهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ ڇڙي پوندي ۽ دنيا جو امن مڪمل طور تباهه ٿي ويندو انڪري ٻنهي ملڪن کي اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي۔