ڀارتي پائليٽ اڀينندن کي گرفتار ڪندڙ ميجر معيز شهيد

راولپنڊي/اسلام آباد (م ڊ) ڏکڻ وزيرستان جي سرا روغه علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خارجي فتني جي 11 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ، جڏهن ته ڪارروائي دوران پاڪ فوج جو ميجر سيد معيز عباس شاهه ۽ لانس نائڪ جبران الله شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق آپريشن دوران 7 دهشتگرد زخمي به ٿيا، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. ميجر معيز عباس شاهه 37 ورهين جي عمر ۾ دشمن سان وڙهندي شهادت ماڻي، سندس واسطو چڪوال سان هو، جڏهن ته لانس نائڪ جبران الله جو واسطو ضلعي بنون سان هو. فوجي ترجمان چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جو حوصلو بلند ڪري رهيون آهن، سيڪيورٽي فورسز امن جي بحالي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرا ڏينديون رهنديون. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري پاران سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي وئي جڏهن ته شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.