ڪوٽڙي ۾ مڙس پاران اڳوڻي زال تي ڌيءُ کي مارڻ جو الزام

ڪوٽڙي(جبار ڪابورو)ڪوٽڙي ۾ نوجوان اياز علي ملاح پاران اڳوڻي زال تي ڌي کي قتل ڪرڻ جو الزام،ڪوٽڙي جي ڪاروکھي واري علائقي جي رھواسي نوجوان اياز علي ملاح پنھنجي ستن سالن جي ڌي عليشا ملاح جي  لاش کي ھنج ۾ کڻي ڪوٽڙي ٿاڻي پھچي اڳوڻي زال شيلا ملاح تي سندس ڌي کي قتل ڪرڻ الزام ھنيو آھي ٿاڻي تي موجود نوجوان اياز علي ملاح الزام ھڻندي چيو ته منھنجي ستن سالن جي ڌي معصوم عليشا جيڪا اڳواڻي زال شيلا وٽ رھندي ھئي جنھن کي منھنجي اڳوڻي زال گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد مريم گارڊن جي گيٽ تي معصوم ڌي جي لاش کي ڇڏي فرار ٿي وئي آھي ھن چيو ته ظلم ٿيو آھي معصوم گلن جي ٻارڙي کي قتل ڪيو ويو آھي انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ڪوٽڙي پوليس نوجوان جي رپورٽ داخل ڪرڻ بعد نينگري جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.