12 ڏينهن ۾ 28 اسرائيلي مارجي ويا، 700 ايراني شهيد

تهران/تل ابيب(م ڊ)  ايران ۽ اسرائيل ۾ ويڙهه دوران ٻنهي ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 700 کان وڌيڪ ماڻهو گولين جو کاڄ بڻيا آهن، جڏهنته هزارين زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيلي صحت واري وزارت مطابق ايران جي ميزائل حملن ۾ 28 اسرائيلي ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته 3 هزار 238 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان 23 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي پاسي، ايراني صحت واري وزارت موجب ايراني اختيارين ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 430 ماڻهو شهيد ٿيا آهن. ايران جي صحت واري وزير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 13 جون کان اڄ تائين اسرائيلي حملن ۾ 606 ماڻهو مارجي ويا آهن. محمد رضا ظفرغاني چيو آهي ته پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن .ايراني پرڏيهي وزير جو اهو به چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ايران تي بدترين حملا ٿيا آهن، جن ۾ 107 ماڻهو مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.