ڪراچي(رپورٽر) ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي هڪ وفد ايراني قونصل خاني ڪراچي پھچي ناظم الامور ڊاڪٽر واحد عسڪري سان ملاقات ڪئي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت ۽ قوم کي اسرائيلي جارحيت خلاف مردانگي سان جدوجهد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. صوبائي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسد الله ڀٽو وفد جي اڳواڻي ڪئي، جڏهن ته علامه سيد اسد اقبال زيدي، علامه قاضي احمد نوراني، محمد حسين محنتي، علامه عقيل انجم قادري، علامه غلام مرتضيٰ رحماني، ڊاڪٽر صابر ابو مريم ۽ مجاهد چنا شامل هئا. وفد ۾ شامل ديني اڳوڻن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف جوابي ايراني حملي سان نه رڳو دنيا جي مظلوم ماڻهن جو حوصلو وڌايو آھي، پر اسرائيلي فوجي تنصيبات، فوجي اثاثن ۽ اهم ادارن تي ڪامياب حملن سان ثابت ڪيو ته آئرن ڊوم صرف هڪ تصور هو ۽ اسرائيل ڪنهن به حيثيت ۾ ناقابل تسخير نه آهي، وفد پاڪستاني قوم ۽ ملي يڪجھتي ڪائونسل ۾ شامل سڀني مذهبي پارٽين جي طرفان ايراني قيادت جي بھادري ۽ ثابت قدمي جي تعريف ڪئي، مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي خلاف پاڪستان جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مذمت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو،ايران جي ناظم الامور ڊاڪٽر واحد عسڪري وفد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستاني حڪومت جي واضح موقف ۽ ايران سان ڪلهي سان ڪلهي ملائي بيهڻ جي بيان ايراني قوم کي نئون حوصلو ڏنو آهي، ۽ جنهن طريقي سان پاڪستان جي مذهبي جماعتن جي گڏيل آواز ايران جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ ان کي غزه جنگ جو تسلسل قرار ڏنو، ان سان نه رڳو ايران جي همت وڌي پر پاڪستان جي وقار ۾ به اضافو ٿيو.