ڪالهه مون اخبار ۾ هڪ سرڪاري نوٽيفڪيشن پڙهيو جنهن تحت سعادت حسن منٽو جي لکڻين کي فحش ۽ اخلاقي معيار کان ڪريل سمجهيو ويو آهي ان ڪري سندس تحريرن کي ڇاپڻ، وڪري ۽ پڙهڻ تي بندش وڌي وئي آهي. هي فرمان نه رڳو مضحڪه خيز هو پر انتهائي ڳڻتي جوڳو پڻ. هي فرمان رڳو ادب جي خلاف ناهي، پر ان فڪري زوال جي نشاني آهي جيڪا اسان جي معاشري ۾ ئي نه، رياستي ۽ سرڪاري ادارن جي رت ۾ پڻ داخل ٿي چڪي آهي. اڄ جي پاڪستان ۾ جهالت ۽ رجعت پسندي جي حڪمراني آهي، جيڪا صرف عوامي شعور تي نه، پر رياستي مشينري تي به ڪارو ڍڪ وجهي رهي آهي.
جڏهن دنيا فڪري ترقي ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڏانهن وڌي رهي آهي، اسان ان جي برعڪس، ادب، تنقيدي شعور ۽ هر اختلاف واري آواز کي دٻائڻ تي بيٺل آهيون. اسان ان آوازن کان ڊڄون ٿا جيڪي سوال ڪن ٿا، انهن لفظن کان خوف محسوس ڪيون ٿا جيڪي چيلينج ڪن ٿا، ۽ انهن ذهنن تي ڏاڍو وحشت ٿيندي آهي جيڪي آزاد سوچين ٿا.
سعادت حسن منٽو کي ئي وٺو—هڪ اهڙو نالو جنهن لفظن سان آئينو بڻايو. اهڙو نادر اديب جيڪو ڪهاڻين سان معاشري جي ننگي سچائي ظاهر ڪئي. هو ڪڏهن به رياست کان نه ڊنو نه ئي مولوين کان ڊنو. هن اهو لکيو جيڪو ڏٺو، اهو ڏيکاريو جيڪو لڪائيل هو، ۽ ڳالهايو جيڪو ٻين صرف دل ۾ سوچڻ جي همت ڪئي. پر حيرت آهي ته سندس وفات کي ڏهاڪاگذري چڪا آهن، پر اڄ به سندس لفظ موجوده نظام کي ڪنبڻ تي مجبور ڪن ٿا. هي ئي ثبوت آهي ته منٽو جو آئينو اڄ به سچاين جو عڪس ڏيکاري ٿو—اهو سچ جنهن کي اسان ڏسڻ نه ٿا چاهيون.
تازو منٽو جي ڪتابن تي پابنديءَ لڳڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن. سڀ کان وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه هي آهي ته انهن ڪتابن کي عوامي لائبريرين مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. گويا رياست پاڻ اعتراف ڪري رهي آهي ته اها سچ کان ڊڄي ٿي، سوالن کان خوفزده آهي، ۽ سڀ کان وڌيڪ فڪري بيداري کان خوفزده آهي. اهو ئي منٽو آهي جنهن تي پاڪستان بڻجڻ کانپوءِ فحاشي جا مقدما لڳايا ويا، جنهن کي بازاري ليکڪ چيو ويو، جنهن جي نثر کي اخلاقي زوال جو ذميوار قرار ڏنو ويو. پر وقت ثابت ڪيو ته منٽو فساد جو سبب نه، پر ان جي نشاندهي ڪندڙ هو.
لائبريرين کي منٽو کان پاڪ ڪرڻ صرف سينسرشپ ناهي، پر فڪري ڪمزوري جو اعلان آهي. اهي انهيءَ نظام جي ڪمزوري جو اعتراف آهي جيڪا هڪ افسانه نگار جي قلم کان ڏڄڻ لڳي. اهڙي رياست جنهن کي هڪ قلم ڌڪائي وجهي تنهن جي بنيادن ۾ ڪيترا نه ڏارهوندا.
منٽو اڄ اسان وچ ۾ ناهي، پر ان جو قلم زنده آهي. ۽ جڏهن قلم به خطرو بڻجي وڃي، ته خطرو قلم ۾ ناهي، اسان جي اندر لڪيل خوف ۾ آهي. اصلي دشمن ٻاهر ناهي، اندر هوندو آهي—اهڙو دشمن جيڪو سوچڻ کان روڪي ٿو، سوال ڪرڻ کان ڊيڄاري ٿو، ۽ هر آزاد لفظ کي گولي، لاٺي يا فتوئيءَ سان خاموش ڪرڻ چاهي ٿو.
افسوس ته اسان اهڙي زماني ۾ جي رهيا آهيون جتي لفظ دشمن بڻجي ويا آهن، ۽ خاموشي کي امن جو نالو ڏنو ويو آهي. پر منٽو اسان کي سيکاريو ته ظلمءَ جي اڳيان خاموشي سڀ کان وڏو جرم آهي. سندس تحريريون صرف ادب نه، هڪ چارج شيٽ آهن انهيءَ نظام جي خلاف ۽ ايندڙ نسلن لاءِ لکيل ڀت.
منٽو اڄ وري زنده ٿيو آهي، سندس جملا انهن حڪمن جي چهري تي اڳي کان وڌيڪ زوردار طمانچو آهن.