هري پور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بنيان مرصوص ۾ ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو آهي جو مودي ڪڏهن نه وساريندو.
هري پور ۾ پرائم منسٽر ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جي رحمت ۽ قوم جي دعائن سان جنگ ۾ پاڪستان کي فتح ملي، ان جنگ ۾ فتح کانپوءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت وڌي آهي، سڄو ڀارت شڪست چاهيندي به نٿو وساري سگهي.
هن چيو ته اسان معاشي طور اڳتي وڌنداسين ۽ اهو ڌاڳي ڦيڻي سان نه پر محنت سان ٿيندو، پاڪستان جي ترقي اتحاد سان ممڪن آهي، چارئي صوبا ترقي ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو، شهيدن جو مذاق اڏائيندڙن لاءِ دنيا ۾ ته ڪا جاءِ ناهي پر الله به انهن کان حساب وٺندو.
You might also like