تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ هاءِ وي تي روڊ حادثي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب مسافرن سان ڀريل بس اصفهان کان مشهد وڃي رهي هئي ته هاءِ وي تي حادثي جو شڪار ٿي وئي.
مسافر بس هاءِ وي جي مرڪزي گارڊريل سان ٽڪرائجي اونڌي ٿي پئي ۽ ان دوران بس هڪ ٽيڪسي سان به ٽڪرائجي وئي.
حادثي ۾ بس ۾ سوار 11 ڄڻا ۽ ٽيڪسي ۾ سوار ٻه ڄڻا پڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
You might also like