حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا سامراج دنيا کي ٽين عالمي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. آمريڪي مدد وسيلي اسرائيل وچ اوڀر جو امن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪا ايران ۾ پنهنجا پالتو حڪمران ويهارڻ چاهي ٿو،هنن چيو ته پاڪستان جي سرزمين پاڙيسري ملڪن خلاف استعمال ڪرڻ ملڪ دشمني آهي.حڪمران ملڪ کي سنگين خطرناڪ صورتحال طرف ڌڪي رهيا آهن. هنن چيو ته وائيٽ هائوس ۾ فيلڊ مارشل ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾ ٿيل ملاقات جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪري عوام اڳيان آندا وڃن. هائبرڊ حڪومت بنيادي انساني حق معطل ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو هت ملڪي حڪمرانن کي اهو ڪنهن به حق ناهي ڏنو ته هو جنگي جنون ۾ ورتل ٽرمپ لاءِ نوبل انعام جي سفارش ڪن.