نئين دهلي(م ڊ)ڀارتي اختيارين دعويٰ ڪيو آهي ته اپريل مهيني ۾ انڊيا جي قبضي هيٺ ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي ٿيل حملي ۾ ملوث ٽئي جوابدار پاڪستاني شهري آهن ۽ انهن جو تعلق ڪالعدم تنظيم لشڪر طيبه سان آهي،ان کان اڳ پوليس ٽنهي ماڻهن جا خاڪا جاري ڪندي چيو هو ته انهن مان ٻه پاڪستاني ۽ هڪ مقامي شخص آهي، پر هاڻي ڀارتي نيشنل انويسٽيگيٽو ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته سڀئي حملي آور پاڪستان سان واسطو رکن ٿا،اها نئين ڄاڻ ان وقت سامهون آئي آهي، جڏهن اين آءِ اي ٻن مقامي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن تي الزام آهي ته انهن حملي آورن کي 22 اپريل جي حملي کان اڳ پناهه فراهم ڪئي، اين آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ٻنهي ماڻهن ارادي طور حملي آورن کي مدد ڏني، ايجنسي گرفتاري بابت وڌيڪ تفصيل اڃا تائين جاري نه ڪئي آهي.