تهران/تل ابيب/دوحه (م ڊ) ايران ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ آمريڪا جي ڪڏي پوڻ بعد جنگ جو دائرو وڌڻ لڳو آهي، ايران آمريڪي حملن جي پلاند ۾ ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا آهن، ايران قطر ۽ عراق ۾ آمريڪي اڏن تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري ڇڏيا. آمريڪي ميڊيا موجب ايران طرفان قطر ڏانهن 6 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي العديد تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قطر ان جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. قطر طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي اڏي تي ايراني ميزائل حملي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن ايران چيو آهي ته آمريڪي اڏن تي حملن کي ”آپريشن بشارت فتح“ جو نالو ڏنو ويو آهي. قطر جي آمريڪي اڏي تي ايراني حملي کان پوءِ سعودي عرب، ڪويت ۽ بحرين جي فوجي اڏن تي سائرن وڄڻ لڳا. بحرين پنهنجو هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن.عراق ۾ آمريڪي اڏي عين الاسد تي به ايران ميزائل حملا ڪيا. هوڏانهن اسرائيل وري ايران جي جيل تي به حملا ڪيا آهن. اسرائيل جي تازن حملن ۾ ايران جي راڄڌاني تهران ۾ قائم باسيج فورس جي هيڊڪوارٽر ۽ اوين جيل کي نشانو بڻايو ويو آهي. اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته اوين جيل ۾ سياسي قيدين سميت اهي ماڻهو قيد آهن جن کي ايراني حڪومت جا دشمن سمجهيو وڃي ٿو. برطانوي ميڊيا موجب، هڪ سي سي ٽي وي وڊيو گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ اوين جيل جي دروازي وٽ ڌماڪو ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻئي پاسي ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل نيوز ايجنسي ”فارس“ موجب، لڳي ٿو ته اوين جيل جي مک دروازي کي ڪنهن ڊرون يا ڌماڪيدار مواد ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي. ايراني عدليا به اوين جيل تي حملي ۽ ان ۾ ٿيل نقصان جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته فارس نيوز طرفان دعويٰ ڪئي آهي ته صورتحال هاڻي ڪنٽرول ۾ آهي. هوڏانهن ايراني سرڪاري ميڊيا تي نشر ٿيندڙ سرڪاري عملدارن جي بيانن موجب، اسرائيل ايران جي فردو جوهري مرڪز تي به حملو ڪيو آهي.ارنا ۽ تسنيم نيوز ايجنسي موجب، قُم صوبي جي ڪرائسز مئنيجمينٽ اٿارٽي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جوهري مرڪز تي حملو ضرور ٿيو آهي، پر ان مان عام شهرين کي ڪو به خطرو ناهي. ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي ايئر فورس به فردو ۾ قائم ان زميني جوهري مرڪز تي ”بنڪر بسٽر بم“ ذريعي حملو ڪيو هو. ايران طرفان اسرائيل خلاف فضائي حملا جاري رهيا. ڏکڻ اسرائيل ۾ بجلي گهرن تي ميزائل حملي سبب 8 هزار کان وڌيڪ اسرائيلي شهري بجلي کان محروم ٿي ويا. اسرائيلي اختيارين طرفان تازن ايراني حملن ۾ ڪنهن به شهري جي زخمي يا مارجڻ جي تصديق ناهي ڪئي وئي. ٻئي پاسي اسرائيل به ايران تي حملن۾ شدت آندي آهي،اسرائيلي بچاءَ واري اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته ايران تي ’بي انتها طاقت‘ سان حملا ڪيا پيا وڃن. بچاءَ واري وزير موجب، تهران ۾ اهڙن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جن کي حڪومت جي علامتن طور ڏٺو ويندو آهي. ايران جي پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل تي تازي ميزائل حملي دوران پهريون ڀيرو ملٽي وارهيڊ سان ليس ”قدر-ايڇ” ميزائل استعمال ڪيو ويو آهي. ايراني خابرو اداري تسنيم موجب، پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران ”آپريشن وعده صادق ٿري“ تحت اسرائيل تي 21هون حملو ڪيو، جنهن ۾ سالڊ ۽ لڪوئڊ فيولڊ بيليسٽڪ ميزائلن سان گڏ ڊرونز به استعمال ڪيا ويا. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حملي ۾ پهريون ڀيرو قدر-ايڇ ميزائل استعمال ڪيو ويو، جيڪو هڪ کان وڌيڪ وارهيڊ کڻي سگهي ٿو. ميزائل جي درستگي ۽ اثر کي وڌائڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون به اختيار ڪيون ويون. پاسداران انقلاب موجب، ايراني ميزائلن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اتر کان ڏکڻ تائين ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ايران جا حملا جاري رهندا ۽ والاريل علائقن ۾ رهندڙن کي هاڻي مسلسل خطري جا سائرن ٻڌڻا پوندا. هوڏانهن سعودي عرب به قطر تي حملن جي مذمت ڪئي آهي. ايراني صدر چيو آهي ته هي جنگ اسان شروع ناهي ڪئي پر ختم اسان ڪنداسين.