آمريڪي اڏن تي حملا،ٽرمپ سچوئيشن روم ۾ ويٺل

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي صدر ٽرمپ هن وقت وائيٽ هائوس جي سچوئيشن روم ۾ موجود آهي جڏهن ايران قطر ۾ آمريڪياڏي تي ميزائل حملا ڪيا،برطانوي اخبار ٽيليگراف موجب آمريڪي صدر قومي سلامتي ٽيم سان ملاقات جي طئي ٿيل شيڊول مطابق اڳتي وڌڻ جو ارادو رکي ٿو،ٽرمپ انتظاميا هڪ بيان ۾ چيو ته وائيٽ هائوس ۽ دفاع کاتو امڪاني خطرن کان باخبر آهن ۽ انهن جي ويجهي نگراني ڪري رهيا آهن

  1. ايران تي ٿيل حملن ۾ آمريڪا جي اسان ڪا به مدد نه ڪئي:پاڪستان

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستاني اختيارين انهن دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن، جن موجب پاڪستان آمريڪا کي ايران جي جوهري تنصيبات تيفوجي حملي لاءِ پنهنجي فضائي حدن يا علائقي جي اجازت ڏني، اختيارين انهن رپورٽن کي سراسر غلط ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان نه ته آمريڪا کي پنهنجي فضائي حد استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، نه ئي پنهنجي بحري علائقي مان ڪا اهڙي مدد فراهم ڪئي وئي آهي، اهو وضاحتي بيان ايران جي جوهري تنصيبات تي آمريڪي حملن کانپوءِ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ سامهون آيو آهي، حڪومت ميڊيا ۽ عوام تي زور ڀريو آهي ته ڪنهن به خبر کي شيئر ڪرڻ کان اڳ تصديق ٿيل ذريعن ۽ سرڪاري چينلن تان معلومات جي پڪ ڪئي وڃي، ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽروٿ سوشل پليٽفارم تي ايران خلاف فضائي ڪارروائي جي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪندي ٻڌايو هو ته انهن حملن ۾ ايران جا ٽي اهم جوهري مرڪز، فردو، نطنز ۽ اصفهان نشانو بڻايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.