قومي اسيمبلي ۾ هنگامو،زرداري پاڻ چولستان ڪئنال جي اجازت ڏني:عمر ايوب

اسلام آباد(م ڊ)قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر کي مائيڪ ڏيڻ تي سرڪاري ڌر اعتراض واري ڇڏيو،ايوان ۾ گوڙ،پ پ ميمبرن اعلان ڪيو ته عمرايوب کي ڳالهائڻ نه ڏينداسين،اهي به نعرا لڳاته اسان اسيمبلي هلڻ نه ڏينداسين جنهن تي اسپيڪر اياز صادق ايوان کي پرامن رکڻ جي ڪوشش ڪندي پ پ ميمبرن کي چيو ته  توهان دل وڏي ڪريو،عمرايوب کي ڳالهائڻ ڏيو ،اجلاس ۾ ان وقت هنگامو ڏسڻ ۾ آيو جڏهن بلاول ڀٽو جي تقرير دوران اپوزيشن احتجاج ڪيو،پي ٽي آءِ جي اقبال آفريدي بلاول ڀٽو تي سخت تنقيد ڪئي جنهن تي پ پ ميمبر ڪاوڙجي پيا ۽ اسپيڪر جي ڊائيس  تائين پهچي ويا، اسپيڪر اقبال آفريدي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اها توهان جي غلط فهمي آهي ته توهان اسيمبلي هلڻ نه ڏيندئو،پ پ ميمبرن جي احتجاج سبب عمرايوب کي مائيڪ نه ڏني وئي جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان ۾ گوڙ ڪيو، بجيٽ تي بحث دوران ايوان جا ميمبر بلاول ڀٽو سان هٿ ملائيندي ۽ ڪچهريون ڪندي نظر آيا، پي ٽي اي ايم اين اي زرتاج گل چيو آهي ته مان سردارن ۽ وڏيرن کي هارائي هن ايوان ۾ پهتي آهيان،قومي اسيمبلي جي بجيٽ هن سال 7 سال ارب رپيا رکي وئي آهي،مان پارلياماني ليڊر آهيان نه مون وٽ آفيس آهي نه ئي لينڊلائن فون جي سهولت آهي،اسپيڪر جي چيمبر ڀرسان مون کي آفيس الاٽ ڪئي وڃي، وفاقي محستب هن سال هڪ ارب 86 ڪروڙن کان وڌيڪ جي بجيٽ گهري آهي اها ڪهڙي کاتي ۾ انهن گهري آهي؟ هن چيو ته منهنجي تجويز آهي ته وفاقي محتسب جي بجيٽ ڪارڪردگي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ سان مشروط بڻائي وڃي،عمرايوب خطاب ڪندي چيو ته ايران اسرائيل جنگ شروع ٿيڻ مهل مون مطالبو ڪيو ته حڪومت کي پنهنجا تيل جا ذخيرا چيڪ ڪرڻ گهرجن،هائبرڊ نظام حڪومت جنهن تي خواجا آصف فخر ڪري ٿو ان تيل جي حوالي سان ڪا به رٿابندي ناهي ڪئي،هن چيو ته پ پ کي خبر ناهي ته حڪومتي بئنچن تي ويهڻو آهي يا اپوزيشن ۾،بجيٽ جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ٿي ويو آهي، هن چيو ته آصف علي زرداري 8 جولاءِ 2024ع تي سنڌ جي عوام جو ڳلو ڪاٽيو ۽ چولستان ڪئنال جي اجازت ڏني،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.