آمريڪا جو ايران تي مڊ نائيٽ تعمير آپريشن

تحرير: حسين آزاد

آمريڪا ايران تي 22 جون تي ”مڊ نائيٽ تعمير“ نالي آپريشن ذريعي بنڪر بسٽر بمن سان حملو ڪيو ۽ ايران جي جوهري ٺڪاڻن نطنز اصفهان ۽ فردو تي حملو ڪري اسرائيل جي ويڙھ جيڪا هن 13 جون تي اڳرائي ڪري شروع ڪئي هئي ان  ۾ شريڪ ٿي ايران جي سرحدن جي بناجواز پائمالي ڪئي آھي. آمريڪي صدر سندس چونڊن جي مهم ۾ پاڻ کي جنگين ۽ ماراماري واري آمريڪي پاليسي کي رد ڪندي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي مهداري ڪرڻ  واري وعدي تي آمريڪي عوام کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجھه ڏينهن اڳ ايران تي حملو ڪرڻ کان اڳ ٻه هفتا ايران کي مهلت به ڏني هئي ۽ چيو ٻن هفتن کان پوءِ سوچينداسين ته ايران سان ڪهڙو ورتائون ڪرڻ کپي. پر هن دوکي سان اڳ ئي ايران تي حملو ڪري ڏنو. هن  بنڪر بسٽر بمن سان ايران جي جوهري ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آھي. جنهن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته هي ڳرو بم آھي آھي زير زمين وڃي ڪري پوءِ ڦاٽندو آھي جنهن ڪري زيري زمين ايران جي جوهري ۽ يورنيم ليبارٽرين کي نقصان رسائڻ لاءِ صرف اهيوئي بم ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪو صرف آمريڪا وٽ آھي ۽ ان کي کڻندڙ جهاز به مخصوص آھي جيڪي به صرف آمريڪا وٽ بي 2 آھن.

تجزيي نگار جي خيال ۾ اسرائيل آمريڪا کي تنگ ڪيو آھي ته ايران جي جوهري تنصيبات ۾ مدد ڪري ڇاڪاڻ اسرائيل وٽ هاڻي اها قوت ناهي جو ايران جي زيري زمين جوهري تنصيبات کي نقصان پهچائي سگهي ۽ اسرائيل کي ايران جي ميزال حملن به ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي جنهنڪري آمريڪا جي جنگ ۾ شرڪت اسرائيل لاءِ لازمي ٿي پئي هئي ۽ اسرائيل آمريڪا جو ٿورو به مڃيو آھي. ايران جو آمريڪا جي حملن ۾ڪيترو جوهري ليبارٽرين کي نقصان پهتو اهي انهن باري ۾ مختلف راءِ آھن. خود ايران چوي ٿو ته انهن جاين تان يورنيم کي هٽايو ويو هو ۽ ڪو به نقصان نه ٿيو آھي. جڏهن آمريڪي صدر جو بيان آھي ته جوهري ٺڪاڻن کي مڪمل تباھ ڪيو ويو آھي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ ڌمڪي ڌيندي چيو آھي ته ايران يا ته معاهدو ڪري ايٽم بنم ٺاهڻ تان هٿ کڻي يا تباھ ٿيڻ لاءِ تيار رهي.

هن وقت صورتحال تمام ڳنڀير آھي ڇاڪاڻ ته ايران اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آھي ته بمن ۽ ميزئلن جي ڇانو ۾ ايران ڪڏهن به پنهنجي خودداري ۽ عزت تي سودو نه ڪندو پوءِ ڀلي ڪهڙو به نتيجو نڪري. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن وچ ۾ ڪنهن به ملڪ ٽياڪڙي ڪري سيز فائر ڪرائي ته بهتر، جي نه ته جنگ وڌي سگهي ٿي. جاپان فرانس، برطانيه، آمريڪا اسرائيل واري ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿا. ٻئي پاسي روس، چين ۽ اترڪوريا آمريڪا جي خلاف ٻولي ڳالهائي رهيا آھن ۽ ڪٿي ممڪن طور تي ايران سان عملي طرح مدد ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن آمريڪا ايران تي وڌيڪ حملا ڪيا. ٻئي پاسي مسلم دنيا آھي جيڪا هڪ ويچاري ۽ ڪمزور قوم جيان بيان بازي ايران جي حق ۾ ڪري رهي آھي عرب رياستن ۽ پاڪستان ته ايران سان همدردي طور آمريڪي حملن جي مذمت ڪئي آھي ۽ او آءِ سي ۾ پڻ  ڪرادار  امن امان لاءِ ڀرپور  پيش ڪيو آھي. پر ڇا وڏي ويڙھ ۾ عملن ايران سان بيهي سگهندا جواب آھي بلڪل نه.

تازو پاڪستان ۽ هندستان جي جنگي جهڙپ ٿي جنهن ۾ پهرين اڳرائي هندستان ڪئي ۽ حملي ۾ پاڪستاني شھرين کي شھيد ڪيو پر پاڪستان پنهنجي بهترين رٿابندي سان جوابي ڪارروائي ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ هندستان کي رڪ چڻا چٻائي ڇڏيا، جنهن بعد آمريڪا وچ ۾ ٽپي پيو ۽ هندستان جي درخواست تي ٽياڪڙي ڪري پاڪستان کي ڳالهين تي راضي ڪري سيز فائر ڪئي. پاڪستان جي آمريڪا کي بهتر ريسپانس ڏيئڻ تي ٿورا مڃيندي پاڪستاني فليڊ مارشل آصف منير جي ڊونلڊ ٽرمپ دعوت ڪئي ۽ خوب ساراهيو، جنهن کان پوءِ پاڪستان ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ امن جو نوبل انعام رکيو آھي. هاڻ ھن وقت جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر هڪ مسلم ملڪ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران تي نه صرف حملو ڪيو آھي پر اڳيان جي لاءِ ايران کي وڌيڪ خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي ته ڇا ان صورتحال ۾ ڊونلڊ ٽرمپ امن جي نوبل انعام جو لائق آھي. هر گز نه، ڇو ته هڪ هن پنهنجي ووٽرن سان دغا ڪئي آھي جن کان دنيا ۾ امن امان ڪرائڻ جي واعدي تي ووٽ ورتو هو ۽ ٻيو فلسطين مظلومن جي هزارين ٻچن نياڻين، عورتن ۽ پوڙھن جي قاتل اسرائيل طرفان ايران تي بمباري ڪئي آھي جيڪا نه صرف بين الاقوامي قانون جي ڀڄڪڙي ڪئي آھي پر دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آھي. پاڪستان لاءِ هڪ هي به چئلينج آھي ته مسلم ملڪ جي ناتي پاڪستاني عوام جون ايران سان نه صرف  همدرديون آھن  پر آمريڪا مخالف جذبا به انتها تي پهتل آھن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن پاڪستان طرفان ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام ڏنو ويو ته پاڪستان جي اندروني صورتحال ڇا بيهندي. ان کي سمجهڻ ڪو ڏکيو نه آھي.

ٻئي پاسي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن ايران ڪمزور ٿيو ۽ حڪومت تبديل ٿي، ته ڇا پاڪستان ڪمزور نه ٿيندو؟ اهو طئي آھي ته ايران پاڪستان جو باڊر آھي خدا نه خواسته ايئن ٿيو ته سمجهبو اسرائيل باڊر تي پهچي چڪو آھي ۽ اسرائيل چئي چڪو آھي ته دنيا جي نقشي تان ٻه ملڪ مٽائڻ اسرائيل جي خواهش آھي هڪ ايران ٻيو پاڪستان. ڇا ان وقت جڏهن پاڪستان تي اسرائيل ويڙھ ڪئي ته آمريڪا پاڪستان جو حصو ٿيندو يا اسرائيل جو ۽ ان وقت اسرائيل هندستان آمريڪا هڪ ئي پيج تي هوندا. تنهنڪري پاڪستان وٽ هي وقت تمام گهڻي اهميت جو آھي ته هو پنهنجي سفارتي صلاحيتن سان ۽ ايران جي مدد ڪري اسرائيل کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ پڻ مدد ڏي ۽ آمريڪي جارحيت کي به روڪڻ ۾ مدد ڪري ۽ آمريڪي صدر کي امن جو نوبل انعام پڻ معطل ڪري ته جيئن اندورني ۽ بيروني انتشار کان بچي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.