ايران، اسرائيل آمريڪا جي وڌندڙ جنگ ۽ خوف ۾ ورتل دنيا

اسرائيل پاران ايران تي مڙھيل جنگ کي 11 ڏينھن مڪمل ٿي ويا آھن. ان وچ ۾ آمريڪا بھ جنگ ۾ اسرائيل جو پاسو کڻندي داخل ٿي ويو آھي. ايران جوابي ڪارروائي ڪري رھيو آھي. جنھن مان اندازو ٿي رھيو آھي تھ ايران تاحال آڻ مڃڻ لاءِ تيار نھ آھي. اسرائيل ۽ آمريڪا ملي ڪري بھ ايران کي جھڪائي نھ سگھيا آھن، جنھن بعد ايران ۾ حڪومت تبديل ٿيڻ جي ڳالھھ ٿي رھي آھي. ڇا ايران ۾ فوري طور تي اقتدار جي منتقلي جو امڪان آھي؟ ڇا ايران ۾ آمريڪا يا اسرائيل پنھنجي فوج داخل ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي؟

وچ اوڀر جي جنگ دوران آمريڪا جي داخل ٿيڻ سان جنگ جو خطي يا دنيا ۾ پکڙڻ جو خطرو وڌي ويو آھي. پر ڇا آمريڪا يا اسرائيل جنگ جا مقصد حاصل ڪري ورتا آھن؟ يا ڇا اھا جنگ ڊگھي ٿي سگھي ٿي؟ آمريڪا ۽ اسرائيل نھ رڳو ايران پر سموري دنيا جي لاءِ بي ڀروسا ٿي ويا آھن. جنھن ڪري جنگبندي بابت ظاھري طور تي ڪا سفارتي ڪوشش ٿيندي نظر نھ پئي اچي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايٽمي مسئلي تي ڳالھيون ھلندڙ ھيون، ان دوران ئي اسرائيل پاران ايران تي حملو ڪرڻ ۽ ان جي اھم سياسي ۽ سائنسي قيادت کي قتل ڪرڻ سان اھو خيال پختو ٿي رھيو ھو تھ جلد ئي ايران ۾ سياسي قيادت تبديل ٿي ويندي پر  جيتري جلدي ۾ ايران پھرين حملي بعد پاڻ کي سنڀالي ورتو، ان سان اھو خيال ختم ٿيندو ويو تھ ڪو ايترو جلدي ايران ۾ ڪا امڪاني تبديلي اچڻ ممڪن آھي.

جنگ ھلندي جڏھن ايران پاڻ سنڀالي اسرائيل تي وار ڪيو ۽ ھڪ ٻئي خلاف حملن جو سلسلو ھلي پيو تھ اسرائيل آمريڪا تي زور ڀريو تھ اھو بھ سندس ساٿ ڏيڻ جي لاءِ سڌي ريت جنگ ۾ داخل ٿئي. اسرائيل جي آمريڪا کي جنگ ۾ شامل ڪرڻ واري خواھش پٺيان ھڪ  سبب ھي بھ آھي تھ اسرائيل وٽ ايران جي ڳجھي ايٽمي سائيٽس تي حملي ڪرڻ جي سگھھ نھ ھئي، ٻيو تھ اسرائيل پنھنجي ستر پنجھتر سالن جي تاريخ ۾ ڪنھن  حملي جو تجربو نھ ڪيو ھو، جنھن ڪري ايران جي حملي جي نتيجي ۾ اسرائيل جي سوسائٽي ۾ وڏي وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي. نھ رڳو ايترو پر ھن وقت جي ھلندڙ حملن جي نتيجي ۾ جڏھن اسرائيلي شھري بنڪرز ۾ پنھنجي جان بچائڻ جي لاءِ ڀڄندا اچن ٿا تھ ان دوران ڪجھ اڻ وڻندڙ واقعا بھ ٿي رھيا آھن. آمريڪا جي جنگ ۾ داخل ٿيڻ سان اسرائيلي شھرين کي ڪنھن حد تائين  رسڪيو ٿيڻ جو ٿورو آسرو ٿي پيو آھي. جيتوڻيڪ اھا رڳو دل کي خوش ڪرڻ واري ڳالھھ آھي.

آمريڪا ايران جي ايٽمي سائيٽس تي حملو ڪرڻ بعد پنھنجي ڪامياب آپريشن جي دعويٰ وقت اھو چيو ھو تھ سندن مقصد حاصل ٿي ويو آھي ۽ ھاڻي ايران کي ڳالھين جي ميز تي اچڻو پوندو. ھن اھو بھ چيو ھو تھ اسان جا جھاز ڪارروائي ڪري واپس اچي ويا آھن. اسان وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ نٿا چاھيون. ممڪن آھي تھ آمريڪي صدر جو اھو بيان دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ پيغام ھجي. جنھن جو مطلب تھ اسين جنگ ۾ ڊيگھھ ڪرڻ نٿا چاھيون.

دنيا ۾ ڪنھن بھ جنگ دوران پھرين انسان جو انسان تان ۽ پوءِ ملڪن جو ملڪن تان ڀروسو ختم ٿي ويندو آھي. جنھن کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ھاڻوڪي ڪارروائين ۽ ٻنھي ملڪن جي اڳواڻن جي وقت سان گڏ بدلجندڙ بيانن جي پس منظر ۾ ڏسي سگھجي ٿو. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ جيڪڏھن ايران جي موجود قيادت ايران کي عظيم نٿي بڻائي سگھي تھ اتي رجيم چينج ضروري آھي.جنھن جو مطلب تھ آمريڪا ھڪ ڀيرو ٻيھر وري ايران ۾ رجيم چينج واري پاسي ڌيان ڏئي رھيو آھي.

 ڪنھن بھ ملڪ ۾ رجيم چينج ھڪ تھ اندروني طور ٿئي ٿي ٻيو تھ ٻاھران ٿئي ٿي. ھن وقت ايران جي اندر فوري طور اھڙي ڪا بھ صورتحال نظر نٿي اچي. جئين تازو شام ۾ پيدا ٿي ھئي. ايران ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ ملڪ آھي. جنھن جا شھري في الحال تھ اھو ئي سمجھن ٿا تھ انھن جي مٿان جنگ مڙھي وئي آھي. ان ڪري اھي حڪومت ۽ سياسي قيادت سان ھمدردي رکن ٿا. ٻاھران ڪنھن بھ تبديلي جي لاءِ  ضروري آھي تھ دشمن ملڪ جون فوجون داخل ٿين.جنھن بعد دوبدو ٿيندڙ ويڙھ سان، ملڪ جي موجود سياسي قيادت جي شڪست ۽ ڪمزور ٿيڻ سان ان جو ڪو فيصلو ٿي سگھندو آھي. تاحال ايران سان ويڙھ ڪندڙ ملڪن مان ڪو اھڙو  رسڪ کڻڻ لاءِ تيار نھ آھن.جنھن ڪري فوري طور تي ان بابت بھ ڪنھن فيصلي جو  امڪان نھ آھي.

دنيا جي مخلتف ملڪن وچ اوڀر جي جنگ تي ڳڻتي ظاھر ڪئي آھي، جنگ جو مطلب ھر ڌر کي نقصان سھڻ ھوندو آھي. ايران پاران آبناءِ ھرمز بند ڪرڻ يا ڳاڙھي سمنڊ وٽ ناڪا بندي ڪرڻ واري عمل سان دنيا کي معاشي طور تي گھڻي نقصان جو خطرو آھي. ان ڪري مخلتف ملڪن ۾ تيل جي کوٽ ٿيندي پيٽرول مھانگي ٿيڻ سان باقي رواجي شين تي بھ ان جو وڏو اثر پوندو. ممڪن آھي تھ دنيا ۾ سفارتي ڪوششون شروع ٿين ۽ جنگ بندي ڏانھن معاملو وڌي. پر اھو سمجھھ اچي رھيو آھي تھ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل تي اعتبار نھ ڪندو، ڇاڪاڻ جو انھن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آھي. ان ھوندي بھ  اھو ممڪن آھي تھ ڪي ٻيا ملڪ جنھن ۾ ترڪي، روس ۽ فرانس اھم سمجھيا وڃن ٿا، اڳتي اچي ٻنھي  ڌرين وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

چيو ٿو وڃي تھ ھن جنگ ۾ ايران بھ گھڻو سکيو آھي ۽ ان جو پلڙو ان لحاظ سان ڀاري آھي تھ ايران جنگبندي دوران پنھنجا شرط رکي سگھي ٿو. جنھن ۾ سول مقصدن لاءِ ايٽمي سگھھ جو حصول، مٿس ھاڻوڪي حوالي سان ڪنھن  حملي نھ ڪرڻ بابت ضمانت وٺڻ، توڙي ايران معاملو غزا مان اسرائيل جي نڪرڻ تائين بھ پنھنجا شرط وڌائي سگھي ٿو. ٻي صورت ۾ جنگ ڊگھي ٿيڻ سان دنيا ۾ خوف جي لھر پکڙجڻ لڳندي ۽ خطي سميت سڄي دنيا اندر جنگي ماحول جنم وٺندو. جنھن جو وڏو نقصان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.