پاڪ-ڀارت تڪرار باوجود شاهه رخ خان جو پنهنجي فرنچائز لاءِ پاڪستاني رانديگرن سان معاهدو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جي باوجود بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي فرنچائز لاءِ ٻن پاڪستاني رانديگرن سان معاهدو ڪري ورتو آهي.
شاهه رخ خان آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جو مالڪ آهي، جڏهن ته دنيا جي مختلف ڪرڪيٽ ليگز ۾ به هن جون ٽيمون آهن.
بالي ووڊ سپر اسٽار پاڪستاني ڪرڪيٽرن بابت وقت به وقت پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪندو رهيو آهي.
سي پي ايل 2025ع جي ڊرافٽ ۾ شاهه رخ خان جي ٽيم ٽرنباگو نائيٽ رائيڊرز ٻه پاڪستاني رانديگر چونڊي ورتا آهن، جن ۾ فاسٽ بالر محمد عامر ۽ عثمان طارق شامل آهن.
تجربيڪار پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر پاڪستان سپر ليگ 10 ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، پهريان ۾ به چار سي پي ايل سيزن کيڏي چڪو آهي، جتي هن 39 ميچن ۾ 18.09 جي اوسط سان 51 وڪيٽون ورتيون آهن.
محمد عامر مختصر فارميٽ ۾ ڊيٿ اوورن ۾ سوئنگ ۽ تجربي جي ڪري مشهور آهي، ٽيم جي بالنگ لائين کي مضبوط ڪندو ۽ نوجوانن لاءِ سکڻ جو موقعو فراهم ڪندو.
ٻئي پاسي عثمان طارق پي ايس ايل 2025 ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪئي، هن 5 ميچن ۾ 10 وڪيٽون وٺي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن کانپوءِ هاڻي هو به سي پي ايل ۾ به ايڪشن ۾ نظر ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.