ايران هڪ يا ٻه ڏينهن ۾ اسان جي فوج تي جوابي حملو ڪري سگهي ٿو: آمريڪي اختياريون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اختيارين چيو آهي ته ايران ردعمل ڏيندي آمريڪي فوج تي جلد حملو ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻن آمريڪي اهلڪارن ٻڌايو ته آمريڪا جو خيال آهي ته ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوج کي نشانو بڻائيندڙ جوابي حملو جلد ڪري سگهي ٿو، توڙي جو آمريڪا هاڻ هڪ سفارتي حل جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن تحت تهران کي ڪنهن به حملي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
انهن ٻن اهلڪارن مان هڪ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ايران جو جوابي حملو هڪ يا ٻه ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.