مائيڪل وان شاهين کي بابر کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان چيو آهي ته شاهين شاهه آفريدي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بابر اعظم کان بهتر رانديگر آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته بابر اعظم سٺڙو بيٽر آهي، پر هو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جي پلئينگ اليون ۾ فِٽ نٿو ويهي.
مائيڪل وان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن بابر کي انگلينڊ، آسٽريليا يا ويسٽ انڊيز جهڙين ٽيمن ۾ ڏٺو وڃي ته اتي هن لاءِ ٽي ٽوئنٽي ۾ جاءِ ٺاهڻ مشڪل هوندي.
هن شاهين آفريدي جي واکاڻ ڪندي کيس زبردست بالر قرار ڏنو ۽ چيو ته هو هن فارميٽ ۾ پاڪستان لاءِ ميچ ونر آهي.
مائيڪل وان عماد وسيم، فخر زمان ۽ محمد عامر کي به پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جا اهم رانديگر قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.