ايراني ميزائل حملن ۾ ڪيئي اسرائيلي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اڄ صبح کان ايران ۽ اسرائيل جي هڪٻئي خلاف ڪيل حملن ۾ شدت آئي آهي.
ايران طرفان اسرائيل خلاف فضائي حملا جاري رهيا.
ڏکڻ اسرائيل ۾ بجلي گهرن تي ميزائل حملي سبب 8 هزار کان وڌيڪ اسرائيلي شهري بجلي کان محروم ٿي ويا.
اسرائيلي اختيارين طرفان تازن ايراني حملن ۾ ڪنهن به شهري جي زخمي يا مارجڻ جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
ٻئي پاسي اسرائيل به ايران تي حملن۾ شدت آندي آهي،اسرائيلي بچاءَ واري اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته ايران تي ’بي انتها طاقت‘ سان حملا ڪيا پيا وڃن.
بچاءَ واري وزير موجب، تهران ۾ اهڙن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جن کي حڪومت جي علامتن طور ڏٺو ويندو آهي.
هوڏانهن آمريڪي حملي کانپوءِ ايران جي عسڪري قيادت آمريڪا کي ”فيصلائتو جواب“ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.