تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي تازن حملن ۾ ايران جي راڄڌاني تهران ۾ قائم باسيج فورس جي هيڊڪوارٽر ۽ اوين جيل کي نشانو بڻايو ويو آهي.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته اوين جيل ۾ سياسي قيدين سميت اهي ماڻهو قيد آهن جن کي ايراني حڪومت جا دشمن سمجهيو وڃي ٿو.
برطانوي ميڊيا موجب، هڪ سي سي ٽي وي وڊيو گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ اوين جيل جي دروازي وٽ ڌماڪو ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.
ٻئي پاسي ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل نيوز ايجنسي ”فارس“ موجب، لڳي ٿو ته اوين جيل جي مک دروازي کي ڪنهن ڊرون يا ڌماڪيدار مواد ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي.
ايراني عدليا به اوين جيل تي حملي ۽ ان ۾ ٿيل نقصان جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته فارس نيوز طرفان دعويٰ ڪئي آهي ته صورتحال هاڻي ڪنٽرول ۾ آهي.
هوڏانهن ايراني سرڪاري ميڊيا تي نشر ٿيندڙ سرڪاري عملدارن جي بيانن موجب، اسرائيل ايران جي فردو جوهري مرڪز تي به حملو ڪيو آهي.
ارنا ۽ تسنيم نيوز ايجنسي موجب، قُم صوبي جي ڪرائسز مئنيجمينٽ اٿارٽي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جوهري مرڪز تي حملو ضرور ٿيو آهي، پر ان مان عام شهرين کي ڪو به خطرو ناهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي ايئر فورس به فردو ۾ قائم ان زميني جوهري مرڪز تي ”بنڪر بسٽر بم“ ذريعي حملو ڪيو هو.
اسرائيل جا تهران جي اوين جيل، بسيج فورس هيڊڪوارٽر ۽ فردو جوهري مرڪز تي حملا
You might also like