ويانا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جي جوهري سرگرمين جي نگراني ڪندڙ اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي ايِ اي) جي سربراهه رافائيل گروسي ايران ۾ جنگبندي جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن اداري جي معائنو ڪندڙ ماهرن ٽيم ايران جي جوهري ٿاڪن جو جائزو وٺي سگهي.
هڪ بيان ۾ رافائيل گروسي چيو ته “ميدان ۾ موجود اصل حقيقتن کي سمجهڻ ڪنهن به معاهدي لاءِ اڳواٽ شرط آهي ۽ اهو رڳو آءِ اي اي اي جي جائزي ذريعي ئي ممڪن آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري ضروري آهي ته جيئن ايران آءِ اي اي اي جي ٽيم کي اتي حالتن جو معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي.
You might also like